اليڪشن ڪميشن چئني صوبن ۾ 42 ڪينٽونمينٽ بورڊز جي وارڊز  جي حد بندي جي شيڊول جو باضابطه نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد-16 جنوري (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان چئني صوبن ۾ قائم 42 ڪينٽونمينٽ بورڊز جي وارڊز  جي حد بندي جي شيڊول جو باضابطه نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري نوٽيفڪيشن موجب هي شيڊول پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل (2) 140-A ۽ (b) 222، اليڪشن ايڪٽ 2017ع جي لاڳاپيل شقن، ڪينٽونمينٽس ايڪٽ 1924ع (ترميم ٿيل) ۽ ڪينٽونمينٽ لوڪل گورنمينٽ (اليڪشن) رولز 2015ع تحت جاري ڪيو …

اسلام آباد-16 جنوري (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان چئني صوبن ۾ قائم 42 ڪينٽونمينٽ بورڊز جي وارڊز  جي حد بندي جي شيڊول جو باضابطه نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري نوٽيفڪيشن موجب هي شيڊول پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل (2) 140-A ۽ (b) 222، اليڪشن ايڪٽ 2017ع جي لاڳاپيل شقن، ڪينٽونمينٽس ايڪٽ 1924ع (ترميم ٿيل) ۽ ڪينٽونمينٽ لوڪل گورنمينٽ (اليڪشن) رولز 2015ع تحت جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب پنجاب ۾ راولپنڊي، چڪلاله، ٽيڪسلا، واهه، اٽڪ، ڪامره، سنجوال، جهلم، منگلا، کاريان، مري هلز، سرگوڌا، شورڪوٽ، گوجرانواله، سيالڪوٽ، لاهور، والٽن، اوڪاڙه، ملتان ۽ بهاولپور جا ڪينٽونمينٽ بورڊز شامل آهن. سنڌ ۾ پنوعاقل، حيدرآباد، ڪراچي، ڪلفٽن، منهوڙو، ملير، فيصل ۽ ڪورنگي ڪريڪ، خيبرپختونخوا ۾ پشاور، نوشهره، چراٽ، رسالپور، مردان، ڪوهاٽ، بنون، ڊي آءِ خان، ايبٽ آباد، حويليان ۽ مري گليز جڏهن ته بلوچستان ۾ ڪوئيٽا، لورالائي ۽ زوب جي ڪينٽونمينٽ بورڊز جي وارڊز جي حد بندي ڪئي ويندي. شيڊول موجب انتظامي انتظام، نقشن جي تياري ۽ حد بندي ڪميٽين جي تربيت جو عمل 19 جنوري کان 2 فيبروري 2026ع تائين مڪمل ڪيو ويندو. شروعاتي وارڊ لسٽس جي تياري 3 فيبروري کان 4 مارچ تائين ڪئي ويندي، جڏهن ته شروعاتي فهرستون 5 مارچ تي شايع ڪيون وينديون. اعتراض داخل ڪرڻ جو مدو 6 مارچ کان 25 مارچ تائين هوندو، اعتراضن جو فيصلو 8 اپريل تائين مڪمل ڪيو ويندو جڏهن ته حد بندي اٿارٽيز جا فيصلا 15 اپريل تائين ڪميٽين ڏانهن موڪليا ويندا، اليڪشن ڪميشن موجب حتمي وارڊ لسٽ جو نوٽيفڪيشن 20 اپريل 2026ع تي جاري ڪيو ويندو.

مزید خبریں