اسلام آباد-16 جنوري (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري چيو آهي ته مالي سال 26-2025ع جي پهرين 6 مهينن دوران ملڪ جي سامونڊي فشريز سيڪٽر نمايان ترقي ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ جولاءِ کان ڊسمبر 2025ع دوران سامونڊي خوراڪ جي روانگي واپار هڪ لک 22629 ميٽرڪ ٽن تائين پهچي وئي، جنهن جي مجموعي ماليت 253.24 ملين ڊالر رهي. ميرين فشريز ڊپارٽمينٽ طرفان جاري انگن …
گذريل 6 مهينن ۾ سامونڊي خوراڪ جي روانگي واپار ۾ 22 سيڪڙو واڌ، ڳاڻيٽو 253 ملين ڊالرن تائين پهچي ويو: جنيد انوار چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد-16 جنوري (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري چيو آهي ته مالي سال 26-2025ع جي پهرين 6 مهينن دوران ملڪ جي سامونڊي فشريز سيڪٽر نمايان ترقي ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ جولاءِ کان ڊسمبر 2025ع دوران سامونڊي خوراڪ جي روانگي واپار هڪ لک 22629 ميٽرڪ ٽن تائين پهچي وئي، جنهن جي مجموعي ماليت 253.24 ملين ڊالر رهي. ميرين فشريز ڊپارٽمينٽ طرفان جاري انگن اکرن تي تبصرو ڪندي وفاقي وزير چيو ته روانگي واپار ۾ واڌ عالمي مارڪيٽن ۾ پاڪستاني سامونڊي فشريز جي وڌندڙ چٽاڀيٽي ۽ مسلسل روانگي واپار جي رفتار جي عڪاس آهي. انگن اکرن موجب گذريل مالي سال 25-2024ع جي ان عرصي ۾ روانگي واپار جو ڳاڻيٽو هڪ لک 2942 ميٽرڪ ٽن ۽ ماليات 208.25 ملين ڊالر هئي. اهڙيءَ طرح هلندڙ مالي سال جي پهرين 6 مهينن ۾ مقدار جي لحاظ کان 19.1 سيڪڙو جڏهن ته مالي لحاظ کان 21.6 سيڪڙو ساليانو واڌ رڪارڊ ڪيو ويو. جنيد انوار چوڌري چيو ته فشريز جو شعبو قومي سامونڊي معيشت جو اهم ٿنڀ آهي جيڪو عربي سمنڊ جي سامونڊي علائقن خاص ڪري سنڌ ۽ بلوچستان ۾ لکين ماڻهن جي روزگار جو ذريعو آهي. هن ٻُڌايو ته هي شعبو تاريخي طور مجموعي قومي پيداوار (جي ڊي پي) ۾ تقريبن هڪ سيڪڙو حصو وجهي ٿو ۽ ڪورونا کانپوءِ ان جديد پروسيسنگ سهولت، بهتر ڪولڊ چين، لاجسٽڪس ۽ عالمي معيار موجب سخت سرٽيفڪيشن ذريعي ٻيهر مضبوطي حاصل ڪئي آهي. انگن اکرن موجب فروزن مڇي لاڳيتو سڀ کان وڏي روانگي واپار جي شيءِ رهي آهي جنهن جو مقدار 26669 ميٽرڪ ٽن ۽ ماليت 53.33 ملين ڊالر رهي. ان کان پوءِ جهينگو ۽ پرونز جي روانگي واپار سان 40.46 ملين ڊالر جڏهن ته فروزن ڪٽل فش مان 36.13 ملين ڊالر ناڻو حاصل ٿيو. ان کان علاوه جهينگو ميل، ڪيڪڙا، سارڊين، ميڪريل، فليٽ فش ۽ فش ميل ذريعي ٻين شين به روانگي واپار ۾ واڌ ۾ ڪردار ادا ڪيو، جيڪو ويليو ايڊڊ پروسيسنگ ۽ جدت جي عڪاسي ڪري ٿو. چين لاڳيتو پاڪستان جو سڀ کان وڏو سامونڊي خوراڪ جو خريدار رهيو، جنهن 83602 ميٽرڪ ٽن کان وڌيڪ راونگي واپار ۾ حصو وڌو. جنهن جي ماليت 149.2 ملين ڊالر رهي، جيڪا مجموعي روانگي واپار جي تقريبن 59 سيڪڙو بڻجي ٿي. ٿائلينڊ 31.3 ملين ڊالرن جي روانگي واپار سان ٻئي نمبر تي رهيو، جتي جهينگي ۽ پرونز جي طلب ۾ واڌ پاڪستان جي سرٽيفائيڊ پروسيسنگ معيار سبب ممڪن ٿيو. گڏيل عرب امارتون، ملائيشيا ۽ جاپان به نمايان خريدارن ۾ شامل رهيا، جتي ڪٽل فش ۽ فش ميل جي روانگي واپار ۾ واڌ ڏٺي وئي. وفاقي وزير موجب يورپي يونين، سعودي عرب، ويٽنام، ڪويت ۽ آمريڪا به مارڪيٽ ڊرائيورسفڪيشن پاليسيءَ تحت روانگي واپار ۾ واڌ ٿي. ماهوار انگن اکرن موجب نومبر ۾ روانگي واپار 56.42 ملين ڊالر ۽ ڊسمبر ۾ 55 ملين ڊالر جي سطح تي پهچي وئي، جنهن ۾ موسمي طلب ۽ لاجسٽڪس ۾ بهتري اهم ڪردار ادا ڪيو. فشريز سيڪٽر کان نان ٽيڪس روينيو به وڌي 127.7 ملين رپيا تقريبن 4 لک 60 هزار ڊالر ٿي ويو، جيڪو گذريل سال 118 ملين رپيا هو. جنيد انوار چوڌري ان اڳڀرائيءَ کي سامونڊي معاملن واري وزارت جي حڪومتي پاليسين جو نتيجو قرار ڏنو، جن ۾ عالمي ميري ٽائيم آرگنائيزيشن (آءِ ايم او) سان پائيدار ماهيگيري جي منصوبي ۽ ڪراچي ۽ گوادر بندرگاهن تي انفراسٽرڪچر ۾ سيڙپڪاري شامل آهي. هن چيو ته هي ترقي پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۽ معاشي استحڪام ۾ فشريز سيڪٽر جي وڌندڙ ڪردار جي نشاندهي ڪري ٿي، جڏهن ته سامونڊي حياتيات جي تحفظ لاءِ سخت ريگيوليٽري عملدرآمد ۽ پائيدار ماهگيري اڻٽر آهي. وفاقي وزير ماحولياتي تبديليءَ سبب مڇين جي چُرپر جهڙن چئلينجز جو به اعتراف ڪيو، جڏهن ته هن چيو ته اي ڊي اين اي مانيٽرنگ جهڙن جديد طريقن ۽ بليو اڪانومي حڪمت عملي تيزيءَ سان ترقي ڪري رهي آهي، جنهن ذريعي پاڪستان آءِ ايم او ڪنويشنز سان هم آهنگي ۽ علائقائي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائي رهيو آهي.











