اليڪشن ڪميشن مالي سال 25-2024ع لاءِ اثاثن ۽ بقايائن جا تفصيل مقرر مُدي ۾ جمع نه ڪرائڻ تي قومي اسيمبلي، پنجاب ۽ سنڌ اسيمبلي جي ڪيترن ئي ميمبرن جي رڪنيت معطل ڪري ڇڏي

اسلام آباد-16 جنوري (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن مالي سال 25-2024ع لاءِ اثاثن ۽ بقايائن جا تفصيل مقرر مُدي ۾ جمع نه ڪرائڻ تي قومي اسيمبلي، پنجاب ۽ سنڌ اسيمبلي جي ڪيترن ئي ميمبرن جي رڪنيت معطل ڪري ڇڏي. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشنز موجب چونڊ ايڪٽ 2017ع جي شق 137 تحت اثاثن جا تفصيل جمع نه ڪرائيندڙ ميمبر تفصيل جمع نه ڪرائڻ تائين اسيمبلي ميمبر طور پنهنجي ڪابه …

اسلام آباد-16 جنوري (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن مالي سال 25-2024ع لاءِ اثاثن ۽ بقايائن جا تفصيل مقرر مُدي ۾ جمع نه ڪرائڻ تي قومي اسيمبلي، پنجاب ۽ سنڌ اسيمبلي جي ڪيترن ئي ميمبرن جي رڪنيت معطل ڪري ڇڏي. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشنز موجب چونڊ ايڪٽ 2017ع جي شق 137 تحت اثاثن جا تفصيل جمع نه ڪرائيندڙ ميمبر تفصيل جمع نه ڪرائڻ تائين اسيمبلي ميمبر طور پنهنجي ڪابه ذميداري ادا نه ڪري سگهندا. نوٽيفڪيشن موجب قومي اسيمبليءَ جي 32 ميمبرن اثاثن جا تفصيل جمع نه ڪرايا. جن ۾ مير عامر مگسي، پير امير علي شاهه جيلاني، عبدالحڪيم بلوچ، ارشد عبدالله وهرا، خالد مقبول صديقي ۽ محمد اختر مينگل شامل آهن. جڏهن ته عورتن جي مخصوص سيٽن تي چونڊيل معطل ميمبرن ۾ ماهين رزاق ڀٽو شامل آهي. سنڌ اسيمبليءَ جي 33 معطل ميمبرن ۾ عبدالرئوف کوسو، آغا شهباز علي دراني، نوابزاده برهان چانڊيو، سيد اويس قادر شاهه، سيد قائم علي شاهه، شيراز شوڪت راڄپر، نعيم احمد کرل، ممتاز علي، بهادر خان ڏاهري، غلام دستگير، علي حسن، ڄام شبير علي، پارس ڏيرو، طارق علي، محمد تيمور ٽالپر، ڄام خان شورو، زبير احمد جوڻيجو، اعجاز خان، سعيد غني، لياقت علي عسڪاڻي، اعجاز الحق، سيد عادل عسڪري، حافظ نعيم الرحمان شامل آهن. عورتن جي مخصوص سيٽن تي رخسانه پروين، صائمه آغا، روما صباحت، مليحه منظور، شازيه عمر، فرح سهيل ۽ فوزيه ڪوثر جڏهن ته غير مسلم سيٽن تي همير سنگهه، مڪيش ڪمار چاولا ۽ کٽومل شامل آهن. اليڪشن ڪميشن موجب سمورا معطل ميمبر اثاثا ۽ بقايائون جمع ڪرائڻ کان پوءِ ئي ٻيهر اسيمبلي ميمبر طور پنهنجا فرض انجام ڏئي سگهندا.

مزید خبریں