پوليو جي روڪٿام بابت وزيراعظم جي فوڪل پرسن عائشه رضا فاروق جي جنيوا ۾ ڊبليو ايڇ او جي ڊي جي ڊاڪٽر ٽيڊروس سان ملاقات، پوليو جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ

اسلام آباد-16 جنوري (اي پي پي) پوليو جي روڪٿام بابت وزيراعظم جي فوڪل پرسن عائشه رضا فاروق جي جنيوا ۾ ڊبليو ايڇ او جي ڊي جي ڊاڪٽر ٽيڊروس سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ پوليو جي موجوده صورتحال تي خيالن جي تفيصلي ڏي وٺ ڪئي وئي. قومي ايمرجنسي آپريشن سينٽر (اين اي او سي) طرفان جاري بيان ۾ چيو ته عائشه رضا فاروق پوليو جي خاتمي لاءِ ڊبليو ايڇ او جي …

اسلام آباد-16 جنوري (اي پي پي) پوليو جي روڪٿام بابت وزيراعظم جي فوڪل پرسن عائشه رضا فاروق جي جنيوا ۾ ڊبليو ايڇ او جي ڊي جي ڊاڪٽر ٽيڊروس سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ پوليو جي موجوده صورتحال تي خيالن جي تفيصلي ڏي وٺ ڪئي وئي. قومي ايمرجنسي آپريشن سينٽر (اين اي او سي) طرفان جاري بيان ۾ چيو ته عائشه رضا فاروق پوليو جي خاتمي لاءِ ڊبليو ايڇ او جي مسلسل مدد تي ڊاڪٽر ٽيڊروس جو ٿورو مڃيو. هن پوليو جي خاتمي ۾ حاصل ٿيل ڪاميابين کي برقرار رکڻ لاءِ پي اي آءِ- اي پي آءِ هم آهنگي تيز ڪرڻ جي درخواست ڪندي پاڪستان مان پوليو جي خاتمي لاءِ 2026ع تائين وائرس جي مڪمل روڪٿام جو هدف جو ورجاءُ ڪيو. ڊاڪٽر ٽيڊروس پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي جي قدمن لاءِ ڊبليو ايڇ او جي مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي.

مزید خبریں