انڊس اي آءِ ويڪ جو مقصد مصنوعي ذهانت بابت آگاهي، صلاحيت سازي، تحقيق ۽ عوامي شموليت کي هٿي ڏيڻ آهي: وفاقي وزير شزا فاطمه خواجه

اسلام آباد-16 جنوري (اي پي پي)انفارميشن ٽيڪنالاجي اينڊ ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزا فاطمه خواجه چيو آهي ته  انڊس اي آءِ ويڪ جو مقصد مصنوعي ذهانت بابت آگاهي، صلاحيت سازي، تحقيق ۽ عوامي شموليت کي هٿي ڏيڻ آهي، مستقبل ۾ اي آءِ هڪ بنيادي ۽ اڻٽر عنصر بڻجڻ وڃي رهيو آهي، 2026ع ايڪيشن جو سال هوندو، ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ پاڪستان جي وڏن شهرن ۾ فائيو جي ٽيڪنالاجي لانچ ڪئي …

اسلام آباد-16 جنوري (اي پي پي)انفارميشن ٽيڪنالاجي اينڊ ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزا فاطمه خواجه چيو آهي ته  انڊس اي آءِ ويڪ جو مقصد مصنوعي ذهانت بابت آگاهي، صلاحيت سازي، تحقيق ۽ عوامي شموليت کي هٿي ڏيڻ آهي، مستقبل ۾ اي آءِ هڪ بنيادي ۽ اڻٽر عنصر بڻجڻ وڃي رهيو آهي، 2026ع ايڪيشن جو سال هوندو، ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ پاڪستان جي وڏن شهرن ۾ فائيو جي ٽيڪنالاجي لانچ ڪئي ويندي. اهڙو اظهار هن جاري سال جي سڀ کان وڏي مصنوعي ذهانت ۽ ٽيڪنالاجي شو ڪيس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اي آءِ ويڪ ۾ اي آءِ سمٽ 9 فيبروري 2026ع تي جناح ڪنوينشن سينٽر اسلام آباد، انوويشن، لرننگ ۽ انگيجمينٽ ايرينا 9 کان 10 فيبروري تي اسلام آباد اسپورٽس ڪامپليڪس جڏهن ته نيشن وائيڊ ايڪو سسٽم پارٽيسپيشن 9 کان 15 فيبروري تائين ملڪ جي مختلف حصن ۾ منعقد ڪيو ويندو. اسان چاهيون ٿا ته مختلف شعبن جي ماهرن کي گڏ کڻي وڏي پئماني تي پاليسي ڊائيلاگ ڪيا وڃن جتي کليل ڳالهه ٻولهه ٿئي ۽ اسان موجوده روڊ ميپس کي وڌيڪ مضبوط ۽ موثر بڻائي سگهون. وفاقي وزير چيو ته اسان اي آءِ کي اختيار ڪرڻ لاءِ هڪ قومي اسٽريٽجڪ روڊ ميپ جوڙڻ چاهيون ٿا، دنيا ۾ جتي به واضح حڪمت عملي سان منصوبابندي ڪئي وئي، اتي نمايان نتيجا سامهون آيا، پاڪستان لاءِ به ضروري آيه ته هو هڪ نيشن وائيڊ موومينٽ طور اڳتي وڌي. وفاقي وزير چيو ته اسان جي نوجوان آبادي اسان جو سڀ کان وڏو اثاثو آهي، جيڪڏهن اسان اجتماعي طور تي ميڊيا، حڪومت ۽ پرائيويٽ سيڪٽر سان گڏجي ان موومينٽ ۾ قومي جذبي کي شامل ڪري وٺون ته دنيا ۾ اسان کي ٽيڪنالاجي ليڊر بڻجڻ کان ڪو به روڪي نٿو سگهي. هن چيو ته ان نيشن وائيڊ موومينٽ کي ممڪن بڻائڻ لاءِ ضروري آهي ته اي آءِ جي علم کي عام ڪيو وڃي ته جيئن هر ماڻهو کي ان تائين پهچ ۽ ان جي فائدن کان آگاهي حاصل ٿئي، اهڙي طرح هر ننڍو وڏو، ٻار ۽ بزرگ ان موومينٽ جو حصو بڻجي سگهي. شزا فاطمه خواجه چيو ته انڊس اي آءِ ويڪ صلاحيت سازي، تحقيقي ۽ عوامي شموليت کي هٿي ڏيڻ جو ذريعو آهي، اي آءِ کي عام فهم بڻائي ان کي عملي استعمال جي مختلف شعبن تائين سگهه ڏئي سگهجي ٿي. هن چيو ته مصنوعي ذهانت تي رڳو ڳالهه ٻولهه بدران عملي لاڳو ڪرڻ طرف اڳڀرائي ڪرڻ اڻٽر آهي، انڊس اي آءِ پاليسي صنعت ۽ ٽئلينٽ کي گڏ ڪرڻ جو سبب بڻجندو. شزا فاطمه خواجه چيو ته اي آءِ ويڪ پاڪستان کي عالمي اي آءِ ايڪو سسٽم سان ڳنڍجڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو ۽  پاڪستان کي موثر ۽ معتبر حصيدار طور اجاگر ڪندو. اي آءِ جي ذريعي مختلف شعبن ۾ وقت سر سيڙپڪاري ڪامياب مستقبل جو بنياد هوندي، مستقبل ۾ اي آءِ ويڪ بنيادي ۽ اڻٽر عنصر بڻجڻ وڃي رهيو آهي.

مزید خبریں