اسٽيٽ بئنڪ جو پاليسي ريٽ کي 11 سيڪڙو تي برقرار رکڻ جو فيصلو

اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي) اسٽيٽ بئنڪ پاليسي ريٽ کي 11 سيڪڙو تي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪندي چيو آهي ته معيشت تي هاڻوڪي ٻوڏ جا اثر گذريل اجلاس جي ڪاٿي جي ڀيٽ ۾ ڪجهه گهٽ آهن، فصلن جي پهتل نقصان محدود رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته رسد ۾ به گهٽ رڪاوٽ آئي. اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري بيان موجب مانيٽري پاليسي ڪميٽيءَ جو اجلاس ڪالهه منعقد ٿيو جنهن …

اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي) اسٽيٽ بئنڪ پاليسي ريٽ کي 11 سيڪڙو تي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪندي چيو آهي ته معيشت تي هاڻوڪي ٻوڏ جا اثر گذريل اجلاس جي ڪاٿي جي ڀيٽ ۾ ڪجهه گهٽ آهن، فصلن جي پهتل نقصان محدود رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته رسد ۾ به گهٽ رڪاوٽ آئي. اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري بيان موجب مانيٽري پاليسي ڪميٽيءَ جو اجلاس ڪالهه منعقد ٿيو جنهن ۾ پاليسي ريٽ 11 سيڪڙو برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ڪميٽيءَ نوٽ ڪيو ته سيپٽمبر ۾ عمومي مهانگائيءَ ۾ نمايان واڌ سان 5.6 سيڪڙو تائين پهچي وئي جڏهن ته قوزي (ڪور) مهانگائي 7.3 سيڪڙو تي برقرار رهي. ڪميٽي محسوس ڪيو ته وسيع تر معيشت تي هاڻوڪي ٻوڏ جا اثر گذريل اجلاس جي ڪاٿي جي ڀيٽ ۾ ڪجهه گهٽ آهن، فصلن کي پهچندڙ نقصان محدود رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته رسد ۾ به تمام گهٽ رڪاوٽ آئي آهي. معاشي سرگرمين ۾ وڌيڪ تيزي آئي جنهن جو اندازو اقتصادي اظهارن ۾ زبردست اؤسر سان ٿئي ٿو انهن تبديلين جي بنياد تي ميڪرو اڪنامڪ منظرنامو اڳوڻي اندازن جي ڀيٽ ۾ بحثيت مجموعي بهتر ٿيو آهي. ان سان گڏوگڏ ڪميٽيءَ محسوس ڪيو ته ڪجهه عملن جي بنياد تي ان منظرنامي تي بي يقيني اثرانداز ٿي سگهي ٿو. اهي سبب جنسن جي تبديل ٿيل عالمي قيمتن، واپاري ٽيرف جي سامهون ايندڙ سببن سان روانگي امڪانن کي درپيش چئلينج ۽ ملڪي غذائي رسد ۾ امڪاني رڪاوٽ سان ڳنڍيل آهي. ان روشنيءَ ۾ ۽ پاليسي ريٽ ۾ اڳوڻي گهٽتائي جا اڃا تائين سامهون نه ايندڙ اثرن کي نظر ۾ رکندي مانيٽري پاليسي ڪميٽي محسوس ڪيو آهي ته اڄ جو فيصلو قيمتن ۾ جاري استحڪام کي برقرار رکڻ لاءِ موزون آهي. ڪميٽيءَ پنهنجي گذريل اجلاس کان هن وقت تائين ٿيل ڪجهه تبديلين کي نظر ۾ رکيو. پهرين، وفاقي شماريات کاتي (پي بي ايس) مالي سال 25ع ۾ حقيقي جي ڊي پي اؤسر کي نظرثاني کانپوءِ 3 سيڪڙو ڪري ڇڏيو جنهن جو پهريون ڪاٿو 2.7 سيڪڙو هو. ٻيو زراعت تي وفاقي ڪميٽيءَ جو حريف جي اهم فصلن جي شروعاتي ڪاٿو هاڻوڪي ٻوڏ باوجود گذريل سال جي پيداوار جي تقريبن برابر آهي. ٽيون يورو بانڊ جي 500 ملين ڊالرن جي ادائگيءَ باوجود اسٽيٽ بئنڪ جا مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا وڌي رهيا آهن. چوٿون پاڪستان جو اي ايف ايف ۽ آر ايس ايف ريويوز تي آءِ ايم ايم سان اسٽاف ليول جو معاهدو ٿي ويو. پنجون اسٽيٽ بئنڪ، آءِ بي اي سان هاڻوڪي سروي ۾ صارفين ۽ ڪاروباري ادارن، ٻنهي جي مهانگائيءَ جي توقع ۾ گهٽتائي آئي آهي. جنسن جي عالمي قيمتن ۾ ڦيرڦار جو مليل جليل رجحان ڏسڻ ۾ آيو آهي، تيل جي قيمتن ۾ وڌيڪ لاها چاڙها آيا آهن. انهن تبديلين جي روشنيءَ ۾ مانيٽري پاليسي ڪميٽيءَ جي خيال ۾ مهانگائي کي وچئين مُدي ۾ 5 کان 7 سيڪڙو جي حد ۾ مستحڪم رکڻ لاءِ حقيقي پاليسي ريٽ ڪافي مثبت آهي. ڪميٽي مستقبل جي وڌيڪ ڌچڪن کي جذبن ڪرڻ ۽ اقتصادي سرگرمين جي جاري رفتار ۾ واڌ ۾ مدد لاءِ پرڏيهي ۽ مالياتي بفرز جي مسلسل تياريءَ جي اهميت تي زور ڀريو، ان شرط سان ته مهانگائي ۽ پرڏيهي کاتي تي وڌيڪ دٻاءُ نه وڌو وڃي. مانيٽري پاليسي ڪميٽي مربوط ۽ محتاط مانيٽري پاليسي ۽ مالياتي پيلسين جي اهميت ۽ گهربل سڌارن تي به زور ڀريو ته جيئن جٽادار اقتصادي اؤسر طرف جاري اڳڀرائيءَ کي يقيني بڻائي سگهجي. مانيٽري پاليسي ڪميٽي محسوس ڪيو ته گهڻي ڀاڱي جي هاڻوڪي اظهار اؤسر جي پائيدار رفتار جي نشاندهي ڪري ٿو. زراعت ۾ خريف جي اهم فصلن جا ڪاٿا توقع کان بهتر رهي، سيٽلائيٽ کان ورتل تصويرون به فصلن جي بهتر صورتحال طرف اشارو ڪن ٿيون. ٻئي طرف خام مال جي بهتر دستيابيءَ سان ٻوڏ کانپوءِ پيداوار ۾ امڪاني واڌ، ايندڙ ربيع جي فصل لاءِ بهتر امڪانن جي نشاندهي ڪري ٿو. صنعت ۾ وڏي پيماني جي شين ۾ جولاءِ کان آگسٽ مالي سال 2026ع دوران 4.4 سيڪڙو واڌ ٿي جڏهن ته گذريل سال جي ان مُدي ۾ معمولي گهٽتائي ٿي. وڌيڪ اهو ته گهڻي ڀاڱي اظهارين جهڙوڪ گاڏين، سيمنٽ، ڀاڻ ۽ پيٽروليم شين جي وِڪري ۾ مضبوط اؤسر کان علاوه نجي شعبي طرفان قرضن جي مضبوط طلب ۽ هاڪاري ڪاروباري احساسن صنعت جي منظرنامي کي بهتر بڻايو آهي. جنسن جي پيداوار وارن شعبن ۾ ان هاڪاري اڳڀرائيءَ مان توقع آهي ته خدمتن جي شعبي جي سرگرمين ۾ اضافي سان مدد ملندي.  انهن رجحانن جي روشنيءَ ۾ گذريل جائزي جي ڀيٽ ۾ اؤسر جو منظرنامو بهتر ٿيو آهي ۽ اندازو آهي ته حقيقي جي ڊي پي اؤسر گذريل ڪاٿي جي حد 3.25 کان 4.25 سيڪڙو جي مٿاهين اڌ ۾ رهندي. سيپٽمبر 2025ع ۾ جاري کاتي ۾ 110 ملين ڊالرن جو سرپلس درج ڪيو ويو جنهن سان مالي سال 2026ع جي پهرين ٽه ماهيءَ ۾ مجموعي خسارو 594 ملين ڊالر تائين محدود رهيو. هي ڪافي حد تائين ڪميٽيءَ جي اُميدن موجب هو. روانگي واپار ۾ مناسب واڌ جاري رهي، جڏهن ته آمدني واپار ڪنهن حد تائين تيز رفتاريءَ سان وڌيو جنهن سبب واپاري خسارو وڌي ويو، ان سان پورهيتن جي ناڻي رسد مستحڪم رهي ۽ خالص مالي رقمن جي آمد سبب 17 آڪٽوبر تائين اسٽيٽ بئنڪ جي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا وڌي 14.5 ارب ڊالرن تائين پهچي ويا. اڳتي هلي آمدني واپار ۾ وڌيڪ واڌ جو امڪان آهي، جيڪو معاشي سرگرميءَ ۾ متوقع واڌ سان هم آهنگ آهي جڏهن ته ٻوڏ سبب آمدني واپار جون ضرورتون گذريل ڪاٿي جي ڀيٽ ۾ ڪجهه گهٽ رهڻ جي اميد آهي. ٻئي طرف ڪارڪنن جي موڪليل ناڻي جي منظرنامي ۾ وڌيڪ بهتري آئي آهي. مجموعي طور تي مالي سال 2026ع ۾ جاري کاتي جو خسارو گذريل ڪاٿن جي حد جي ڊي پي جي ٻڙي کان هڪ سيڪڙورهڻ جي اميد آهي. جاري کاتي جي محدود خساري ۽ منصوبا بندي موجب سرڪاري رقمن جي آمد سان ڪاٿو آهي ته ڊسمبر 2025ع تائين اسٽيٽ بئنڪ جي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ بهتريءَ سان گڏ 15.5 ارب ڊالر ۽ جون 2026ع تائين تقريبن 17.8 ارب ڊالرن جي سطح تائين پهچي ويندو. مالي سال 2026ع جي پهرين ٽه ماهي ۾ ٽيڪسن جي وصوليءَ ۾ 12.5 سيڪڙو ساليانو واڌ ٿي آهي جڏهن ته مجموعي طور تي 2.9 ٽريلين رپين جي وصولي هدف جي ڀيٽ ۾ 198 ارب رپيا گهٽ رهي. اهڙيءَ طرح پهرين ٽه ماهي دوران اسٽيٽ بئنڪ طرفان خاص منافعي جي منتقلي ۽ پيٽروليم شين جي محصولن جي بلند سطح سان غير ٽيڪس محصولن ۾ واڌ ٿي. ڄاڻايل اڳڀرائيءَ جي بنياد تي مالي سال 2026ع جي پهرين ٽه ماهي ۾ مجموعي مالياتي ۽ بنيادي توازن ٻنهي جو سرپلس رهڻ جو امڪان آهي. اڳتي هلي مانيٽري پاليسي ڪميٽيءَ کي اميد آهي ته ٻوڏ کانپوءِ ٻيهر آبادڪاري جي خرچن کي بجيٽ ۾ رکيل مالياتي وسيلن ذريعي پورو ڪيو ويندو. ان لاءِ ايم پي سي مجموعي ۽ بنيادي توازن جا هدف ۽ ڊگهي مُدي واري مالياتي پائيداريءَ کي حاصل ڪرڻ لاءِ مالياتي نظم و ضبط جو تسلسل برقرار رکڻ تي ضرورت تي زور ڀريو. مانيٽري پاليسي ڪميٽيءَ جي اجلاس کان پوءِ 10 آڪٽوبر  2025ع تائين (ايم 2) جي اؤسر گهٽ ٿي 12.3 سيڪڙو تي اچي وئي جنهن سبب بئنڪن جي خالص ملڪي اثاثن ۾ لاٿ هئي. ان جي بنيادي وجهه بئنڪن طرفان غير بئنڪ مالي ادارن کي ڏنو ويندڙ قرض جي ڳاڻيٽي ۾ نمايان گهٽتائي آهي. خالص ميزاني قرض حاصل ڪرڻ به محدود رهيو جيڪو جاري مالياتي هڪجهڙائي جي عڪاسي ڪري ٿو، ان عيوض نجي شعبي کي قرض جي فراهميءَ جي گنجائش پيدا ٿي. نجي شعبي کي قرض ۾ 17 سيڪڙو واڌ درج ڪيو ويو جنهن کي معاشي بحالي جي تسلسل ۽ مالي حالتن ۾ آسانيءَ سان سهارو مليو. نجي شعبي کي قرض ۾ واڌ وسيع البنياد هو، اهو اضافو جاري سرمائي جي قرضن، مددگار سيڙپڪاري قرضن ۽ صارفي قرضن جي مد ۾ رڪارڊ ڪيو ويو. قرض وٺندڙ اهم شعبن ۾ ٽيڪسٽائل، ٽيلي مواصلات، ڪيميڪلز ۽ سيدي وارو ڪاروبار شامل هو. ايم ٽو جي بقايا جي لحاظ سان گردش ۾ آيل ڪرنسيءَ ۾ سال بسال واڌ ٿي جڏهن ته ڊپازٽ جي اؤسر ۾ گهٽتائي آئي، ان جي نتيجي ۾ ڪرنسي کان ڊپازٽ تناسب وڌيڪ 37.6 سيڪڙو ٿي ويو. گردش هيٺ ڪرنسيءَ ۾ هي نمايان واڌ بنياد جي اؤسر کي بلند سطح تي برقرار رکڻ جو سبب بڻيو. بيان موجب سيپٽمبر ۾ عمومي مهناگائي ڪافي وڌي 5.6 سيڪڙو تائين پهچي وئي جيڪا آگسٽ ۾ 3.0 سيڪڙو هئي. اها ڳالهه وڏي حد تائين ٻوڏ سبب غذائي قيمتن ۾ امڪاني واڌ، توانائي جي قيمتن ۾ واڌ ۽ ٺوس ڪور مهانگائي جي عڪاس آهي. مانيٽري پاليسي ڪميٽيءَ محسوس ڪيو ته گذريل ٻوڏن جي ابتڙ قيمتن ۾ هاڻوڪي واڌ اميدن کان ڪنهن حد تائين گهٽ آهي، اها ڳالهه ايس پي آءِ جي انگن اکرن ۾ بلند فريڪوئنسي جي اهم غذائي شين جنهن ۾ ڪڻڪ ۽ ان سان لاڳاپيل شين کنڊ ۽ ضايع ٿيندڙ شين جي قيمتن ۾ هاڻوڪي سست رويءَ مان واضح ٿئي ٿو، جڏهن ته ڪميٽيءَ اميد ظاهر ڪئي ته مالي سال 2026ع جي ٻه ڇهه ماهي ۾ مهانگائي طئي ٿيل هدف جي مٿين سطح کان چڙهي ويندي، اهو به ڪجهه مهينن لاءِ ۽ بعد ۾ مالي سال 2027ع ۾ گهٽ ٿي هدف جي حد ۾ واپس اچي ويندي. هي منظرنامو جنسن جي عالمي قيمتن ۾ لاهن چاڙهن، مستقبل ۾ توانائي جي قيمتن ۾ ڦيرڦار جي شدت ۽ ڪڻڪ ۽ ان سان لاڳاپيل شيون جن ۾ ضايع ٿيندڙ غذائي شين جي قيمتن ۾ غير يقيني سان پيدا ٿيل خطرن سان مشروط آهي.