اسلام آباد جي 28 صحت مرڪزن کي فعال بنائڻ تي ڪم جاري آهي: سيد مصطفيٰ ڪمال

اسلام آباد- 07 جولاءِ (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال گاديءَ واري هنڌ اسلام آباد جي ناليواري اسپتال پمز جي ايمرجنسي ڊپارٽمينٽ ۾ پيشنٽ فيسيليٽيشن اسسٽنٽ سروس جي شروعات کي اسپتال جي تاريخ ۾ هڪ اهم سنگ ميل قرار ڏنو آهي. پيشنٽ فيسيليٽيشن اسسٽنٽ سروس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته 1984ع ۾ پمز جي قيام جي وقت اسلام آباد جي آبادي …

اسلام آباد- 07 جولاءِ (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال گاديءَ واري هنڌ اسلام آباد جي ناليواري اسپتال پمز جي ايمرجنسي ڊپارٽمينٽ ۾ پيشنٽ فيسيليٽيشن اسسٽنٽ سروس جي شروعات کي اسپتال جي تاريخ ۾ هڪ اهم سنگ ميل قرار ڏنو آهي. پيشنٽ فيسيليٽيشن اسسٽنٽ سروس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته 1984ع ۾ پمز جي قيام جي وقت اسلام آباد جي آبادي اٽڪل 7 لکي هئي جيڪا هاڻ 50 لک جي ويجهو پهچي چڪي آهي. اها اسپتال آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ ڪي پي ڪي مان ايندڙ مريضن کي پڻ طبي سهولتون فراهم ڪري رهي آهي. ماضيءَ ۾ پمز ۾ روزانو اٽڪل 200 مريض ايندا هئا، جڏهن ته هاڻ اهو انگ 7 هزار کان 9 هزار تائين پهچي چڪو آهي. وارثن سميت روزانو 35 کان 34 هزار ماڻهو پمز اسپتال ۾ موجود هوندا آهن، جيڪو هڪ وڏي اجتماع جي برابر آهي. هن چيو ته 7 لک ماڻهن لاءِ قائم ڪيل اسپتال اڄ ڪروڙن جي آبادي جو بار کڻي رهي آهي. هن چيو ته حڪومت حقيقتون لِڪائڻ تي يقين نٿي رکي ۽ تسليم ڪري ٿي ته موجوده صورتحال مثالي ناهي، انتظامي ڪمزوريون موجود آهن جڏهن ته انهن کي ختم ڪرڻ ۽ نظام کي بهتر بنائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. مصطفيٰ ڪمال چيو ته پاڪستان جو بنيادي مسئلو ڪمزور پرائمري هيلٿ ڪيئر سسٽم آهي، نزلو، زڪام ۽ بخار جهڙن معمولي مرضن جي مريضن کي وڏي ۽ ٽيچنگ اسپتالن ۾ اچڻ جي ضرورت نه هئڻ گهرجي، بنيادي صحت مرڪز غير فعال هئڻ سبب اهو بار پمز جهڙين اسپتالن تي اچي وڃي ٿو. هن ٻُڌايو ته اسلام آباد جي 28 صحت مرڪزن کي فعال بنائڻ تي ڪم جاري آهي ته جيئن وڏين اسپتالن تي دٻاءُ گهٽ ٿئي. هن اعلان ڪيو ته پمز ۾ فيراپلس مشين فعال ڪئي وئي آهي جنهن کان پوءِ دل جي مريضن کي جديد علاج جي سهولت مفت فراهم ڪئي ويندي ۽ ان حوالي سان موجوده انتظامي رڪاوٽون به ختم ڪيون ويون آهن. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي آبادي 26.5 ڪروڙ کان وڌي وئي آهي ۽ ان ۾ هر سال اٽڪل 6.7 ملين ماڻهن جي واڌ ٿي رهي آهي. هن چيو ته هر گهٽي ۾ اسپتال هئڻ باوجود وڌندڙ آبادي سبب سمورن مريضن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ممڪن ناهي، ان لاءِ بيماريءَ جي علاج سان گڏوگڏ بيمارين جي روڪٿام تي ڌيان ڏيڻ اڻٽر آهي. هن چيو ته ٻارن جي پيدائش ۾ مناسب وقفو اختيار ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻي پوندي ڇاڪاڻ ته آباديءَ ۾ وڌندڙ اضافو صحت، تعليم ۽ ٻين بنيادي سهولتن تي سخت دٻاءُ وجهي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ هر ٽيون شخص شوگر جو مريض آهي ۽ اٽڪل 68 سيڪڙو بيماريون صاف پاڻيءَ جي عدم دستيابي سبب پيدا ٿين ٿيون. هن چيو ته صاف پاڻيءَ جي فراهمي صحت واري وزارت نه پر مڪاني نظام جي ذميداري آهي. هن چيو ته 18هين آئيني ترميم جو مقصد اختيارن ۽ وسيلن کي هيٺئين سطح تائين منتقل ڪرڻ هو، پر وفاق کان وسيلا صوبن کي منتقل ٿيڻ باوجود يونين ڪائونسل جي سطح تي اثرائتو نظام قائم نه ٿي سگهيو. سندس مطابق جيڪڏهن وسيلا مقامي حڪومتن تائين پهچن ته صاف پاڻي، بنيادي صحت مرڪز، اسڪول ۽ ٻيون بنيادي سهولتون بهتر انداز ۾ هلائي سگهجن ٿيون. هن چيو ته پوليو سميت 13 حفاظتي ٽُڪن جي حوالي سان عوام طرفان انڪار جي هڪ وڏو ڪارڻ به مقامي سطح تي اثرائتي نظام جو فقدان آهي. جيڪڏهن مقامي نمائندا پنهنجي برادري ۽ پاڙن ۾ فعال ٿين ته ويڪسين کان انڪار جهڙن مسئلن تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. هن زور ڀريو ته جمهوريت جو بنياد مضبوط مڪاني نظام آهي، پر بدقسمتيءَ سان ڪيترن ئي سالن تائين مقامي حڪومتن جون چونڊون نه ٿيون ڪرايون وڃن. هن چيو ته صرف ڪجهه سؤ بيورو ڪريٽس پوري نظام کي نٿا هلائي سگهن، جڏهن ته فعال مڪاني نظام جي صورت ۾ لکين ماڻهو مقامي سطح تي عوامي مسئلن جي حل ۾ ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. مصطفيٰ ڪمال چيو ته حڪومت 18هين ترميم تي مڪمل عملدرآمد جي خواهشمند آهي ته جيئن اختيار ۽ وسيلا حقيقي معنائن ۾ عوام جي چانئٺ تائين منتقل ٿين ـ۽ صحت سميت بنيادي خدمتون جي فراهمي ۾ نمايان بهتري آڻي سگهجي.