اسلام آباد- 16 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ حڪومت موسمياتي تبديلين جي اثرن جو مقابلو ڪرڻ ۽ ترقياتي هدفن کي متاثر ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ موثر حڪمت عملي تي ڪم ڪري رهي آهي. هن اها ڳالهه اربع ڏينهن هتي پاڪستان چائنا انسٽيٽيوٽ (پي سي آءِ) جي اعليٰ سطحي وفد سان ملاقات ۾ …
حڪومت موسمياتي تبديلين جي اثرن جو مقابلو ڪرڻ ۽ ترقياتي هدفن کي متاثر ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ موثر حڪمت عملي تي ڪم ڪري رهي آهي: بلال اظهر ڪياني
اسلام آباد- 16 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ حڪومت موسمياتي تبديلين جي اثرن جو مقابلو ڪرڻ ۽ ترقياتي هدفن کي متاثر ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ موثر حڪمت عملي تي ڪم ڪري رهي آهي. هن اها ڳالهه اربع ڏينهن هتي پاڪستان چائنا انسٽيٽيوٽ (پي سي آءِ) جي اعليٰ سطحي وفد سان ملاقات ۾ چئي. ملاقات ۾ توانائي جي شعبي کي معاشي پاليسي جي ڊگهي مدي واري هدفن سان هم آهنگ ڪرڻ جي حڪمت عملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر مصطفيٰ حيدر سيد جي قيادت ۾ ملاقات ڪندڙ وفد ۾ سفارتڪاري، ناڻي ۽ موسمياتي پاليسي جا مشهور ماهر شامل هئا، جن ۾ پاورنگ پاسٽ ڪول الائنس (پي پي سي اي) کان جوليا اسڪور پسڪا ۽ لورين ڪوليگن، راڪي مانٽين انسٽيٽيوٽ (آر ايم آءِ) کان ٽائلر ماتسو ۽ٽوني چن، محمد عمر فاروق پي سي آءِ، پي پي آءِ بي جو اڳوڻو ايم ڊي شاهه جهان مرزا ۽ برطانوي حڪومت جو نمائندو مچل شامل هئا. مملڪتي وزير چيو ته موسمياتي تبديلين سبب پيدا ٿيل اثر اسرندڙ ملڪن جي اوسر کي متاثر ڪري رهيا آهن. وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ حڪومت اهڙي موثر حڪمت عملي تي ڪم ڪري رهي آهي، جنهن سان موسمياتي تبديلين جي اثرن جو مقابلو ڪري سگهجي ۽ ترقياتي هدفن کي متاثر ٿيڻ کان به بچايو وڃي. وفد حڪومت جي قدمن ۽ حڪمت عملي کي ساراهيو ۽ ان ڏس ۾ پنهنجي تعاون جي خاطري ڪرائي.











