اسلام آباد- 16 سيپٽمبر (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف چيو آهي ته حرمين شريفين جو تحفظ اسان سڀني جي ذميواري ۽ فرض آهي، جيڪڏهن ڪنهن به ان حوالي سان ڪا جرئت ڪئي ته اسان ڪنهن به قرباني کان پاسو نه ڪنداسين، هزاره صوبي جي مخالفت هن وقت تائين ڪنهن ناهي ڪئي، عوام جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ننڍا يونٽ ضرور ٺهڻ گهرجن ۽ انهن …
حرمين شريفين جو تحفظ اسان سڀني جي ذميواري ۽ فرض آهي: سردار محمد يوسف

مزید خبریں
اسلام آباد- 16 سيپٽمبر (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف چيو آهي ته حرمين شريفين جو تحفظ اسان سڀني جي ذميواري ۽ فرض آهي، جيڪڏهن ڪنهن به ان حوالي سان ڪا جرئت ڪئي ته اسان ڪنهن به قرباني کان پاسو نه ڪنداسين، هزاره صوبي جي مخالفت هن وقت تائين ڪنهن ناهي ڪئي، عوام جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ننڍا يونٽ ضرور ٺهڻ گهرجن ۽ انهن کي اختيار به ملڻ گهرجن ته جيئن ترقياتي ڪمن لاءِ هو پاڻ به روينيو گڏ ڪري سگهن. اهڙو اظهار هن اربع ڏينهن اسلام آباد بار کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته وقت جي ضرورت موجب صوبن جي ڳالهه ٿي رهي آهي، ڇاڪاڻ ته ملڪ ۾ هن وقت 160 ضلعا ۽ 37 ڊويزنون آهن ۽ تعلقا ان کان به وڌيڪ آهن، هن چيو ته صوبن لاءِ ڪو به پنهنجي اقتدار لاءِ ڳالهه ناهي ڪري رهيو، اسان عوامي نمائندا آهيون عوامي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي ۽ ملڪ جي مفادن لاءِ تجويزون ڏيندا آهيون. هن چيو ته ننڍا يونٽ عوام جي بهتر خدمت ڪري سگهن ٿا ۽ گڊ گورننس به قائم ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته هي مطالبو ڪنهن لساني بنياد تي نه پر عوامي ضرورتن جي بنياد جمهوري مطالبو آهي، هن چيو ته پارليامينٽ اندر ۽ ٻاهر ڪنهن پارٽي هن وقت تائين هزاره صوبي جي مخالفت ناهي ڪئي. ان جي حمايت سڀ ڪن ٿا ۽ هي اسان جي ضرورت به آهي. هن چيو ته سعودي عرب سان پاڪستان جو دفاعي معاهدو آهي، حرمين الشريفين جو تحفظ اسان سڀني جي ذميواري ۽ فرض آهي، جيڪڏهن ڪو جرئت ڪندو ته اسان جان جي قرباني کان به پاسو نه ڪنداسين.










