مڪه معاهدي ۾ شامل ڪنهن به ڌر تي حملي جي صورت ۾ ميمبر ملڪ گڏيل مشاورت سان لائحه عمل طئي ڪندا: ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري جو عرب ٽي وي کي انٽرويو

راولپنڊي- 16 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) جي ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته مڪه معاهدي ۾ شامل ڪنهن به ڌر تي حملي جي صورت ۾ ميمبر ملڪ گڏيل مشاورت سان لائحه عمل طئي ڪندا ۽ انهي موجب عملدرآمد ڪيو ويندو. عرب ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر واضح ڪيو ته …

راولپنڊي- 16 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) جي ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته مڪه معاهدي ۾ شامل ڪنهن به ڌر تي حملي جي صورت ۾ ميمبر ملڪ گڏيل مشاورت سان لائحه عمل طئي ڪندا ۽ انهي موجب عملدرآمد ڪيو ويندو. عرب ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر واضح ڪيو ته ڀارت پنهنجي فوجي طاقت وڌائڻ لاءِ وڏا وسيلا خرچ ڪري رهيو آهي جڏهن ته پاڪستان جون دفاعي صلاحيتون خالص دفاعي نوعيت جون آهن، جڏهن ته ان جو هرگز اهو مطلب ناهي ته اسان ڪنهن هٿيارن جي ڊوڙ ۾ شريڪ آهيون. هن چيو ته اسان جا ڪنهن به ملڪ خلاف جارحاڻا ارادا ناهن، اسان کي پنهنجي دفاعي صلاحيتن تي ڀرپور اعتماد آهي ۽ اسان نه رڳو پنهنجو دفاع ڪرڻ ڄاڻون ٿا پر جارحيت جي سزا ڏيڻ جي به مڪمل صلاحيت رکون ٿا. هڪ سوال جي جواب ۾ ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته سياسي مقصدن جو تعين، هميشه ملڪ جي سياسي قيادت ڪندي آهي، فوج ۽ رياست جا هدف ڌار ڌار ناهن هوندا، پاڪستان جا سمورا مقصد ۽ ترجيحون سياسي قيادت جي دائري اختيار ۾ اچن ٿيون. افغانستان جي صورتحال تي ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته گڏيل قومن جي رپورٽن ۾ افغانستان ۾ موجود ڪيترين ئي دهشتگرد تنظيمن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. پاڪستان جو اصولي موقف آهي ته افغانستان کي عالمي دهشتگردي جو ڳڙهه نه بڻجڻ گهرجي. افغان طالبان حڪومت پاڪستان ۾ دهشتگردي جي ڪاررواين لاءِ عنصرن کي تربيت ڏئي رهي آهي، جڏهن ته اسان جو واحد ۽ صاف مطالبو آهي ته افغانستان جي سزمين کي پاڪستان خلاف هرگز استعمال نه ٿيڻ ڏنو وڃي. مڪه معاهدي جي ڌر تي حملي جي صورت ۾ پاڪستان جي رد عمل جي طريقيڪار تي ڳالهائيندي هن چيو ته دفاعي واعدن تي عملدرآمد جو طريقيڪار به ڪڏهن عوامي سطح تي ظاهر نٿو ڪيو وڃي، حملي جي صورت ۾ ڪهڙو رد عمل هوندو ان جو فيصلو ٽيئي ملڪ گڏيل لائحه عمل طئي ڪري ئي ڪندا ۽ ان ئي طريقيڪار تحت ڪارروائي ٿيندي. هن چيو ته مڪه معاهدي تي ڪنهن کي ڪو به اعتراض ناهي، عالمي سطح تي سڀ ڄاڻن ٿا ته هي قدم خالص دفاعي نوعيت جو آهي جنهن جو بنيادي مقصد خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي برقرار رکڻ آهي، سڄي دنيا ۾ انهي نوعيت جا ٻيا دفاعي معاهدا به موجود آهن جن تحت هڪٻئي کي مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي ويندي آهي، عسڪري ۽ سيڪيورٽي ڪارروائين بابت معلومات حساس ۽ ڳجهي نوعيت جي هوندي آهي تنهن ڪري معاهدي تحت عملي قدمن جو حتمي فيصلو به اهي ٽيئي ملڪ گڏجي ڪندا. پاڪ فوج جي ترجمان واضح ڪيو ته جيئن ته عنوان مان ئي ظاهر آهي ته هي هڪ دفاعي نوعيت جو گڏيل تعاون آهي جنهن ۾ ڪو به جارحاڻو رخ شامل ناهي، هي معاهدو هڪٻئي جي مدد فراهم ڪرڻ لاءِ آهي، جڏهن ته انهن ملڪن جي ٻين رياستن سان پنهنجا آزاد ۽ خودمختيار لاڳاپا قائم آهن. ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري جو چوڻ هو ته پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه جا لاڳاپا اوچتو وجود ۾ ناهن آيا، چين سميت پوري دنيا چڱي ريت آگاهه آهي ته اهي ڀائراڻا لاڳاپا ڪيترا پراڻا ۽ تاريخي آهن. هاڻي انهن تاريخي لاڳاپن کي باضابطه ۽ هڪ واضح معاهدي جي فريم ورڪ ۾ بدلايو ويو آهي. هن زور ڀريندي چيو ته معاهدي ۾ شامل ٽنهي ملڪن جا چين سان بهترين لاڳاپا آهن، خاص طور تي پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا انتهائي اسٽريٽجڪ ۽ غير معمولي نوعيت جا آهن. هن چيو ته پاڪستان خطي ۾ پائيدار امن جي قيام لاءِ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، پاڪستان امن ۽ استحڪام جو اڻمٽ حامي آهي ۽ سمورن دوست ملڪن سان گهڻ رخي سفارتي لاڳاپن جي پاليسي سبب پاڪستان کي دنيا ۾ هڪ منفرد مقام حاصل آهي، انهي غير جانبدار ۽ متوازن حيثيت جي ڪري پاڪستان امن کي هٿي ڏيڻ لاءِ هڪ مخلص ۽ ديانتدار ٽياڪڙ جو ڪردار موثر طريقي سان ادا ڪري سگهي ٿو.

مزید خبریں