اسلام آباد- 16 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال ممڪو شريف جهڙي مقدس شهر کي نشانو بڻائڻ جي مبينا ڊرون حملي جي ڪوشش جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته حرمين الشريفين جو تقدس هر مسلمان جي ايمان ۽ عقيدي جو لازمي جزو آهي، ان جي حرمت ۽ زائرين جي سلامتي تي ڪو به سمجهوتو نه هجڻ گهرجي. جاري بيان ۾ …
وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال پاران مڪو شريف کي نشانو بڻائڻ جي مبينا ڊرون حملي جي ڪوشش جي شديد مذمت
اسلام آباد- 16 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال ممڪو شريف جهڙي مقدس شهر کي نشانو بڻائڻ جي مبينا ڊرون حملي جي ڪوشش جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته حرمين الشريفين جو تقدس هر مسلمان جي ايمان ۽ عقيدي جو لازمي جزو آهي، ان جي حرمت ۽ زائرين جي سلامتي تي ڪو به سمجهوتو نه هجڻ گهرجي. جاري بيان ۾ هن، سعودي عرب جي سلامتي، خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته مڪه مڪرمه تي حملي جي ڪوشش پوري مسلمان امت جا جذبا مجروح ڪرڻ جي برابر آهي. احسن اقبال چيو ته پاڪستان سعودي جي سلامتي ۽ حرمين شريفين جي تحفظ جي عزم سان گڏ بيٺل آهي ۽ مقدس هنڌن جي تحفظ ۾ ڪنهن طور پوئتي نه رهندو. وفاقي وزير چيو ته خطو اڳ ئي مختلف خطرن جي وَر چڙهيل آهي، ان لاءِ ڇڪتاڻ ۽ تشدد جو رستو اختيار نه ڪيو وڃي، مسلمان ملڪن کي گڏيل مشاورت ۽ اتحاد ذريعي خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ گڏيل حل ڳولهڻو پوندو.











