ڪوئيٽا- 16 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي چيو آهي ته بلوچستان پاڪستان جي ثقافتي سڃاڻپ جو هڪ ننڍڙو حصو نه پر ان جو هڪ بنيادي باب آهي، اسان هڪ اهڙو پاڪستان چاهيون ٿا جنهن ۾ ڪنهن به شهري کي اهو محسوس نه ٿئي ته سندس ٻولي، ثقافت يا علائقائي سڃاڻپ کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سردار …
بلوچستان پاڪستان جي ثقافتي سڃاڻپ جو هڪ معمولي حصو نه آهي، پر ان جو هڪ بنيادي باب آهي: وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي

مزید خبریں
ڪوئيٽا- 16 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي چيو آهي ته بلوچستان پاڪستان جي ثقافتي سڃاڻپ جو هڪ ننڍڙو حصو نه پر ان جو هڪ بنيادي باب آهي، اسان هڪ اهڙو پاڪستان چاهيون ٿا جنهن ۾ ڪنهن به شهري کي اهو محسوس نه ٿئي ته سندس ٻولي، ثقافت يا علائقائي سڃاڻپ کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سردار بهادر خان يونيورسٽي ۾ بلوچستان سينٽر آف ايڪسيلنس، حڪومت بلوچستان ۽ پاڪستان پاورٽي ايليوئيشن فنڊ جي سهڪار منعقد سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ بلوچستان جي تعليم واري وزير راحيلا حميد دراني، وفاقي سيڪريٽري اسد رحمان گيلاني، پاڪستان پاورٽي ايليوئيشن فنڊ جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر نادر گل وڙائچ، بلوچستان سينٽر آف ايڪسيلنس جي چيف ڪوآرڊينيشن آفيسر ڊاڪٽر دوست محمد، سردار بهادر خان يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر روبينا مشتاق، لوڪ ورثا جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر محمد وقاص سليم ۽ ري هيبليٽيشن سينٽر جي انچارج فهميده ڪاڪڙ شرڪت ڪئي. سيمينار جو مقصد قومي ثقافتي بياني جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ، هٿي ڏيڻ، نوجوانن ۽ شاگردن کي مثبت، تعميري ۽ اثرائتو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ متحرڪ ڪرڻ هو. سيمينار کي خطاب ڪندي، خاص مهمان قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي چيو ته بلوچستان پاڪستان جي ثقافتي سڃاڻپ جو هڪ ننڍڙو حصو نه آهي پر ان جو هڪ بنيادي باب آهي. هن وڌيڪ چيو ته بلوچستان کان سواءِ پاڪستان جي تاريخ، تهذيب ۽ قومي سڃاڻپ جي تصوير مڪمل نٿي ٿي سگهي. ان کانسواءِ هن عزم جو اظهار ڪيو ته اسان هڪ اهڙو پاڪستان چاهيون ٿا جنهن ۾ ڪنهن به شهري کي اهو محسوس نه ٿئي ته سندس ٻولي، ثقافت يا علائقائي سڃاڻپ کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي. بلوچستان جي تعليم واري وزير راحيلا حميد دراني پنهنجي خطاب ۾ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ثقافت کي ڪڏهن به ورهائڻ جو ذريعو نه بڻائڻ گهرجي پر هي ماڻهن کي ڳنڍڻ جو بهترين ذريعو آهي. هن چيو ته سڀني ثقافتن جو احترام ڪرڻ ۽ گڏيل اتحاد کي فروغ ڏيڻ ضروري آهي. پاڪستان پاورٽي ايليوئيشن فنڊ (پي پي اي ايف) جي سي اي او نادر گل وڙائيچ چيو ته سندس ادارو بلوچستان جي 41 ضلعن ۾ پائيدار ترقي، سماجي هم آهنگي ۽ امن کي هٿي ڏيڻ لاءِ سخت قدم کڻي رهيو آهي. هن زور ڀريو ته هنرمند ماڻهو، خاص طور تي عورتن کي قرض ۽ تربيت فراهم ڪرڻ سان اهي معاشي طور خودمختيار ٿي پنهنجي خاندانن جو سهارو بڻجي رهيا آهن.










