لاهور- 16 سيپٽمبر (اي پي پي) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف، مڪه مڪرمه ۾ ڊرون حملي جي ڪوشش جي شديد مذمت ڪئي آهي. وزيراعليٰ مريم نواز، مڪه مڪرمه ۾ ڊرون حملي جي ڪوشش کي افسوسناڪ قرار ڏنو ۽ چيو ته مڪه مڪرمه جهڙي هنڌ تي ڊرون حملي جي ڪوشش هر مسلمان لاءِ ناقابل برداشت آهي. هن چيو ته مڪه مڪرمه هر مسلمان لاءِ عقيدت ۽ محبت جو مقدس ترين …
وزيراعليٰ مريم نواز پاران پاران مڪه مڪرمه ۾ ڊرون حملي جي ڪوشش جي شديد مذمت
لاهور- 16 سيپٽمبر (اي پي پي) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف، مڪه مڪرمه ۾ ڊرون حملي جي ڪوشش جي شديد مذمت ڪئي آهي. وزيراعليٰ مريم نواز، مڪه مڪرمه ۾ ڊرون حملي جي ڪوشش کي افسوسناڪ قرار ڏنو ۽ چيو ته مڪه مڪرمه جهڙي هنڌ تي ڊرون حملي جي ڪوشش هر مسلمان لاءِ ناقابل برداشت آهي. هن چيو ته مڪه مڪرمه هر مسلمان لاءِ عقيدت ۽ محبت جو مقدس ترين هنڌ آهي.












