موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي پاليسين ۾ جمهوري ادارن جي نگراني ضروري آهي: سردار اياز صادق

ڪيپ ٽائون- 16 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار سردار اياز صادق چيو آهي ته موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي پاليسين ۾ جمهوري ادارن جي نگراني ضروري آهي، موسمياتي تبديلين سبب خوراڪ، پاڻي، صحت سميت زندگي جا مختلف شعبا متاثر ٿي رهيا آهن، پاڪستان موسمياتي تبديلين کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن جي فهرست ۾ شامل آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب اهڙو اظهار هن اربع …

ڪيپ ٽائون- 16 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار سردار اياز صادق چيو آهي ته موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي پاليسين ۾ جمهوري ادارن جي نگراني ضروري آهي، موسمياتي تبديلين سبب خوراڪ، پاڻي، صحت سميت زندگي جا مختلف شعبا متاثر ٿي رهيا آهن، پاڪستان موسمياتي تبديلين کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن جي فهرست ۾ شامل آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب اهڙو اظهار هن اربع ڏينهن 69 هين ڪامن ويلٿ پارلياماني ڪانفرنس ۾ موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ ۾ پارلياماني قيادت جي ڪردار جي حوالي سان پنهنجي خطاب ۾ ڪيو. اسپيڪر ڪنهن ملڪ جو نالو وٺڻ کانسواءِ دريائن ۾ اوچتو پاڻي جي آمد ۽ پاڻي روڪڻ جهڙا مسئلا اجاگر ڪيا ۽ 6 نڪاتي تجويزون پيش ڪيون. ڀارتي نمائندي ان خطاب ۾ خلل وجهڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي جميڪا جي اسپيڪر ۽ ميزبان کيس خاموش رهڻ يا هال مان ٻاهر نڪري وڃڻ جو چيو. ان موقعي تي ڪانفرنس کي ٻين شرڪت ڪندڙن طرفان ڀارتي نمائندي کي اسپيڪر سردار اياز صادق جو خطاب تحمل سان ٻڌڻ جي تلقين به ڪئي وئي. اسپيڪر سردار اياز صادق جو چوڻ هو ته موسمياتي مواقفت جون پاليسيون عوام جي موثر شموليت سان جوڙڻ گهرجن. موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ موسمياتي انصاف ۽ جمهوري ادارن جي شموليت ضروري آهي. موسمياتي تبديلي جهڙن عالمي چئلينجز تي پارلياماني ڳالهيون سنجيده، بامقصد ۽ تعميري هجڻ گهرجن. موسمياتي پاليسين کي عملي لاڳو ڪرڻ لاءِ پارليامينٽن جو ڪردار اهم آهي. عالمي موسمياتي مالي مدد پارلياماني نگراني جي دائري ۾ هجڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان جي پارليامينٽ موسمياتي موافقت لاءِ قانونسازي، بجيٽ جي نگراني ۽ ڪميٽين ذريعي اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ عورتن، نوجوانن ۽ معاشري جي ٻين طبقن جي شموليت اڻٽر آهي. موسمياتي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ پارليامينٽن کي گڏيل تجربن مان فائدو کڻڻ گهرجي. موسمياتي تبديلي جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ پارليامينٽن کي اختلافن بدران تعاون ۽ بامعنيٰ ڳالهين کي هٿي ڏيڻ گهرجي. مضبوط ۽ متحرڪ معاشرن لاءِ مضبوط جمهوري ادارا ضروري آهن. موسمياتي موافقت منصفاڻي مالي مدد ۽ جمهوري جوابدهي سان ئي موثر بڻجي سگهي ٿي. اسپيڪر سردار اياز صادق جي خطاب دوران پيدا ٿيل صورتحال باوجود موسمياتي موافقت ۽ موسمياتي انصاف تي ڳالهه ٻولهه جاري رهي. اسپيڪر سردار اياز صادق ڪنهن ملڪ يا وفد جو نالو وٺڻ کانسواءِ موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ اصولي موقف، عالمي برادري جي ذميوارين تي زور ڀريو.

مزید خبریں