اسلام آباد- 16 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ڊجيٽل گورننس، بنيادي سڃاڻپ واري نظام، مصنوعي ذهانت ۽ ڊجيٽل پبلڪ انفرا اسٽرڪچر جي شعبن ۾ پاڪستان ۽ صوماليا وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ تي زور ڀريندي چيو آهي ته گڏيل چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ اسرندڙ ملڪن وچ ۾ گڏيل تجربن ۽ عملي حل جي مٽاسٽا ضروري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مقامي …
پاڪستان ۽ صوماليا وچ ۾ ڊجيٽل گورننس ۾ تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي: سيد يوسف رضا گيلاني
اسلام آباد- 16 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ڊجيٽل گورننس، بنيادي سڃاڻپ واري نظام، مصنوعي ذهانت ۽ ڊجيٽل پبلڪ انفرا اسٽرڪچر جي شعبن ۾ پاڪستان ۽ صوماليا وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ تي زور ڀريندي چيو آهي ته گڏيل چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ اسرندڙ ملڪن وچ ۾ گڏيل تجربن ۽ عملي حل جي مٽاسٽا ضروري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مقامي هوٽل ۾ بنيادي سڃاڻپ ۽ ڊجيٽل پبلڪ انفرا اسٽرڪچر بابت صوماليه – پاڪستان پيئر لرننگ پروگرام جي پڄاڻي واري تقريب کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. سينيٽ چيئرمين پروگرام منعقد ڪرڻ ۽ ڪامياب پڄاڻي تي گڏيل قومن جي ترقياتي پروگرام (يو اين ڊي پي) کي ساراهيندي چيو ته با معنيٰ عالمي تعاون رڳو رسمي معاهدن تائين محدود ناهي پر علم، تجربن ۽ عملي حل جي مٽاسٽا ذريعي ادارن کي مضبوط بڻائڻ ۽ عوام جي زندگين ۾ بهتري آڻڻ جو نالو آهي. هن نادرا ۽ صوماليا جي نيشنل آئيڊينٽي فيڪيشن اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي وچ ۾ حصيداري کي اسرندڙ ملڪن جي گڏيل تعاون جو هڪ موثر مثال قرار ڏنو. سينيٽ چيئرمين چيو ته بنيادي سڃاڻپ وارو نظام رڳو ڊيٽابيس يا رجسٽريشن دستاويز ناهي پر جديد رياست جو بنيادي اهم ٿنڀ آهي، جيڪو شهرين کي سرڪاري ۽ نجي خدمتن تائين پهچ، مالياتي شموليت ۽ موثر طرز حڪمراني جا موقعا فراهم ڪري ٿو. هن چيو ته نادرا ذريعي پاڪستان جو تجربو سڃاڻپ واري نظام کي وسيع تر حڪمراني ۽ عوامي خدمتن جي فراهمي جي پليٽ فارم ۾ تبديل ڪرڻ جي حوالي سان اهم رهنمائي فراهم ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان قومي ترقي جي ايجنڊا ۾ اِي گورننس ۽ ڊجيٽل تبديلي کي مرڪزي اهميت ڏئي رهيو آهي، جڏهن ته ان عمل ۾ پارليامينٽ جو موثر ڪردار ضروري آهي ته جيئن ٽيڪنالاجي کي جامع، محفوظ، جوابده ۽ شهرين جي حقن جي تحفظ سان هم آهنگ بڻائي سگهجي. سينيٽ چيئرمين، سينيٽ جي ڊجيٽلائيزيشن جي سفر جو ذڪر ڪندي چيو ته اِي آفيس ۽ ٻين ڊجيٽل پارلياماني قدمن ذريعي سينيٽ مسلسل پيپر ليس اِي پارليامينٽ طرف وڌي رهي آهي، هن تازو ئي سينيٽ موبائيل ايپليڪيشن جاري ڪرڻ کي وڌيڪ موثر، شفاف ۽ عوام دوست پارليامينٽ طرف اهم قدم قرار ڏنو. هن چيو ته پاڪستان تازو ئي ورلڊ آرٽيفيشل انٽيليجنس ڪوآپريشن آرگنائزيشن ۾ باني ميمبر جي حيثيت سان شموليت اختيار ڪئي آهي، جيڪو مصنوعي ذهانت جي شعبي ۾ خاص ڪري عالمي پهچ وارن ملڪن وچ ۾ عالمي تعاون لاءِ پاڪستان جي عزم جو مظهر آهي. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان ۽ صوماليا جون پارليامينٽون قانونسازي، نگراني، ڊجيٽل تبديلي ۽ عوامي شموليت جي شعبن ۾ تجربن جي مٽاسٽا ذريعي اداره جاتي رابطا وڌيڪ مستحڪم ڪري سگهن ٿيون. هن اميد ظاهر ڪئي ته هي پروگرام پاڪستان ۽ صوماليا وچ ۾ ڊگهي اداره جاتي تعاون جا بنياد وڌيڪ مستحڪم ڪندو.











