ڊجيٽل يوٿ هبز جي قيام سان نوجوانن کي جديد تربيت، روزگار جا موقعا، ڪاروباري صلاحيتن ۽ ٽيڪنالاجي مهارتن ذريعي تيار ڪري سگهجي ٿو: رانا مشهود احمد خان

راولپنڊي- 07 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان چيو آهي ته پاڪستان حڪومت سڄي ملڪ ۾ ڊجيٽل يوٿ هبز قائم ڪري رهي آهي ته جيئن نوجوانن کي جديد تربيت، روزگار جا بهتر موقعا، ڪاروباري صلاحيتن کي هٿي وٺرائڻ ۽ جديد ٽيڪنالاجي بابت مهارتن سان تيار ڪري سگهجي. هن چيو ته نوجوان پاڪستان جو سڀ کان قيمتي سرمايو آهن ۽ سندن صلاحيتن کي ڪتب …

راولپنڊي- 07 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان چيو آهي ته پاڪستان حڪومت سڄي ملڪ ۾ ڊجيٽل يوٿ هبز قائم ڪري رهي آهي ته جيئن نوجوانن کي جديد تربيت، روزگار جا بهتر موقعا، ڪاروباري صلاحيتن کي هٿي وٺرائڻ ۽ جديد ٽيڪنالاجي بابت مهارتن سان تيار ڪري سگهجي. هن چيو ته نوجوان پاڪستان جو سڀ کان قيمتي سرمايو آهن ۽ سندن صلاحيتن کي ڪتب آڻڻ سان ئي ملڪ کي ترقي ۽ خوشحاليءَ جي راهه تي گامزن ڪري سگهجي ٿو. اهڙو اظهار هن اڱاري ڏينهن راولپنڊيءَ ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان کان اڳ پير مهر علي شاهه باراني زرعي يونيورسٽي راولپنڊي ۽ پاڪستان پاورٽي ايليويشن فنڊ وچ ۾ موسمياتي تبديليءَ سان هم آهنگ زراعت کي هٿي وٺرائڻ، کاڄن جي ويليو چين کي مضبوط بنائڻ ۽ ٻهراڙي آبادي جون معاشي حالتون بهتر بنائڻ لاءِ هڪ اهم مفاهمتي يادداشت تي صحيح ڪئي وئي. ان حوالي سان باراني زرعي يونيورسٽي راولپنديءَ ۾ هڪ تقريب جو بندوبست ڪيو ويو جتي رانا مشهود احمد خان خاص مهمان، جڏهن ته پاڪستان پاورٽي ايليويشن فنڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر نادر گل بريچ اعزازي مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪئي. باراني زرعي يونيورسٽي جي وائس چانسلر ڊاڪٽر قمر الزمان رجسٽرار، ڊائريڪٽرز، فيڪلٽري ميمبرن ۽ يونيورسٽين جي سينيئر عملدارن سان گڏ معزز مهمان کي ڀليڪار ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي رانا مشهود احمد خان چيو ته ويجهڙ ئي ۾ چين جي دؤري دوران ناليوارين چيني زرعي يونيورسٽين سان تعليمي سهڪار ۽ گڏيل تحقيقي رٿائن تي تفصيلي ڳالهيون ٿيون. هن اميد ظاهر ڪئي ته انهن رابطن جي نتيجي ۾ چيني زرعي يونيورسٽين ۽ پير علي شاهه باراني زرعي يونيورسٽي راولپنڊي وچ ۾ زرعي تحقيق، ٽيڪنالاجي جي منتقلي، شاگردن ۽ استادن جي مٽاستا ۽ جدت تي ٻَڌل منصوبن ۾ اثرائتي سهڪار جون نيون راهون هموار ٿينديون. هن پاڪستان جي هٿياربند فوج کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو ته پاڪ فوج قومي وقار، استحڪام ۽ دفاع جي علامت آهي. هن چيو ته چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي مدبراڻي قيادت ۾ عالمي سطح تي عالمي برادري ۽ عالمي ادارن جو پاڪستان تي اعتماد وڌيڪ مستحڪم ٿيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ مختلف عالمي تنظيمن ۽ ترقياتي ڀائيوارن طرفان پاڪستان ۾ سيڙپڪاريءَ ۾ به خاطرخواه اضافو ٿيندو.