سنڌ سرڪار پاران سڄي صوبي ۾ ڪڻڪ جي ذخيرا اندوزي خلاف سخت ڪارروائي جو فيصلو

ڪراچي- 07 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ حڪومت سڄي صوبي ۾ ڪڻڪ جي ذخيري اندوزن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ پوليس سميت ٻين لاڳاپيل ادارن جي پڻ مدد حاصل ڪئي ويندي. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ، صوبائي وزيرن مخدوم محبوب الزمان، محمد علي ملڪاڻي ۽ محمد بخش خان مهر سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته وڏي وزير …

ڪراچي- 07 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ حڪومت سڄي صوبي ۾ ڪڻڪ جي ذخيري اندوزن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ پوليس سميت ٻين لاڳاپيل ادارن جي پڻ مدد حاصل ڪئي ويندي. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ، صوبائي وزيرن مخدوم محبوب الزمان، محمد علي ملڪاڻي ۽ محمد بخش خان مهر سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ اٽي جي اگهن ۾ استحڪام آڻڻ لاءِ ذخيرا اندوزن خلاف بنا فرق ڪارروائي جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن. هن چيو ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ هن سال ڪڻڪ جو بمپر فصل ٿيو، پر ذخيرا اندوزن هارين کان وڏي مقدار ۾ ڪڻڪ خريد ڪري مصنوعي کوٽ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن سبب ڪابينا ذخيرا اندوزن جا گودام سيل ڪرڻ ۽ سندن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. شرجيل انعام ميمڻ ٻڌايو ته ڪابينا خوراڪ کاتي ۾ انٽيگريٽيڊ ويٽ مئنيجمينٽ سسٽم متعارف ڪرائڻ، سنڌ انفارميشن ٽيڪنالاجي ڪمپني کي منصوبي ۾ شامل ڪرڻ ۽ ايس آءِ ٽي سي کي منصوبي جو تفصيلي جائزو وٺڻ لاءِ هڪ مهيني جي مهلت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته قومي ڪڻڪ پاليسي 2030-2026ع جي جائزي لاءِ خوراڪ، زراعت ۽ قانون کاتن جي سيڪريٽرين تي ٻڌل هڪ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، جنهن کي مقرر مدي اندر پنهنجون سفارشون سنڌ ڪابينا آڏو پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. هن چيو ته سنڌ ڪابينا کنڊ جي شعبي ۾ مشروط ڊي ريگيوليشن ۽ مرحليوار واپاري آزادي جي حمايت ڪئي آهي، جڏهن ته نيون شگر ملون قائم ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. هن ٻڌايو ته شگر شعبي جا ريگيوليٽري اختيار صوبي وٽ برقرار رکڻ، آبادگارن، صارفين ۽ ماحولياتي مفادن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ، لاڳاپيل ڪميشن ۾ صوبي جي نمائندگي کي مؤثر بڻائڻ ۽ زراعت کاتي کي وفاق سان رابطو ڪري ڪابينا جي فيصلي بابت باضابطه آگاهه ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي وئي آهي. هن چيو ته جامع تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڊي اي پي ڊي ۽ آغا خان يونيورسٽي وچ ۾ معاهدي جي منظوري ڏني وئي آهي، جڏهن ته آغا خان يونيورسٽي ۾ اسپيشل ايجوڪيشن يونٽ قائم ڪرڻ، استادن جي خصوصي تربيت، تحقيق، پاليسي سازي، ماڊل اسڪولن ۽ جديد تعليمي وسيلن جي تياري لاءِ قدمن ۽ منصوبي لاءِ سرڪاري مالي سهڪار جي به منظوري ڏني وئي آهي. هن ٻڌايو ته ڪابينا شهيد محترمه بينظير ڀٽو فلاءِ اوور، حيدرآباد جي باقي رهيل تعميراتي ڪم مڪمل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي ۽ منصوبي کي مڪمل ڪرڻ جي ذميواري ورڪس اينڊ سروسز کاتي حوالي ڪئي وئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪابينا سامونڊي پٽيءَ تي نگراني ۽ قانون جي مؤثر عملداري لاءِ فشريز نظام کي مضبوط بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ”ميرين ڪنزرويشن پوليس“ جو نالو تبديل ڪري ”سنڌ فشريز سروس“ رکڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، جڏهن ته سامونڊي نگراني لاءِ 3 جديد اسپيڊ بوٽ خريد ڪرڻ جي به منظوري طلب ڪئي وئي آهي. ان موقعي تي خوراڪ واري صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان چيو ته ڪڻڪ جي خريداري مڪمل طور شفاف ۽ منصفاڻي نموني ڪئي وئي آهي ۽ سنڌ ۾ هن سال ڪڻڪ جي رڪارڊ فصل حاصل ٿي آهي. هن چيو ته حڪومت اٽي جي اگهن ۾ استحڪام آڻڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، جڏهن ته هڪ منظم نيٽ ورڪ ڪڻڪ ۽ اٽي جو مصنوعي بحران پيدا ڪرڻ جي ناپاڪ ڪوششن ۾ مصروف آهي، جنهن خلاف ذخيرا اندوزي ۽ ناجائز منافعي خوري تي بنا ڪنهن فرق جي سخت ڪريڪ ڊائون ڪيو ويندو. زراعت کاتي واري صوبائي وزير محمد بخش مهر چيو ته موسمياتي تبديلي زرعي شعبي کي سخت متاثر ڪيو آهي، جنهن سبب آبادگارن ۽ زراعت کي نقصان پهتو آهي. هن چيو ته پاڻي جي کوٽ هڪ وڏو چئلينج بڻجي چڪي آهي ۽ مستقبل ۾ پاڻي جي وڌيڪ کوٽ جو به خدشو موجود آهي. سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت پاڻي جي بهتر استعمال ۽ اثرائتي بچاءَ لاءِ مختلف قدم کڻي رهي آهي ته جيئن هن اهم مسئلي کي منهن ڏئي سگهجي. صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي چيو ته سنڌ حڪومت سامونڊي پٽيءَ تي نگراني ۽ قانون جي مؤثر عملداري لاءِ فشريز نظام کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته بغير لائسنس جي شڪار ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هڪ سوال جي جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته صوبي جي اڪثريتي آبادي جو روزگار زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ سان لاڳاپيل آهي، جڏهن ته سنڌ کي پاڻي جي شديد کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. هن چيو ته مودي حڪومت، سنڌ طاس معاهدي جي کليل ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي ۽ پنهنجي شڪست جو بدلو هن معاهدي جي خلاف ورزي ذريعي وٺڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. سندس چوڻ هو ته بلاول ڀٽو زرداري سنڌو درياهه ۽ پاڪستان جي مؤقف کي عالمي سطح تي مؤثر نموني پيش ڪيو آهي ۽ سنڌ طاس معاهدو رد نه ٿي سگهندڙ آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان جو مطالبو آهي ته 1991ع واري آبي معاهدي تي ان جي اصل روح مطابق مڪمل عملدرآمد ڪيو وڃي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ مان ڪڻڪ غائب ٿيڻ بابت ڪا به شڪايت موصول نه ٿي آهي. ايم ڪيو ايم (پاڪستان) بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جيڪڏهن ايم ڪيو ايم واقعي سنجيده آهي ته وفاقي وزارتن کان الڳ ٿئي ۽ سنڌ ۾ پاڻي، گئس ۽ بجلي جي مسئلن تي عملي احتجاج ڪري. هن چيو ته وفاقي ڪابينا کان ڌار ٿيڻ وارو بيان صرف بيان نه هئڻ گهرجي، پر ان تي عملي قدم پڻ کنيو وڃي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ سينيئر وزير چيو ته صوبائي وزير محنت پنهنجي کاتي ۾ ڪرپشن ۽ بي ضابطگين جي نشاندهي ڪئي، جنهن کانپوءِ فوري ڪارروائي ڪئي وئي. هن چيو ته ييلو لائن بي آر ٽي منصوبي ۾ ضابطن جي ابتڙ اڳواٽ ادائيگي ڪئي وئي هئي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام هڪ بهترين ۽ مؤثر سماجي تحفظ جو منصوبو آهي، جڏهن ته ان کي وڌيڪ مؤثر، جامع ۽ بهتر بڻائڻ جي اڃا به گنجائش موجود آهي.