اسلام آباد – 12 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ميجر راجا عزيز ڀٽي شهيد 1965ع جي جنگ ۾ ملڪ جو دفاع ڪندي جان جو نذرانو پيش ڪري تاريخ ۾ پنهنجو نالو سدائين جي لاءِ امر ڪري ڇڏيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ميجر راجا عزيز ڀٽي شهيد (نشانِ حيدر) جي 61هين ورسيءَ تي پنهنجي پيغام ۾ شاندار لفظن ۾ خراج …
ميجر راجا عزيز ڀٽي شهيد 1965ع جي جنگ ۾ ملڪ جو دفاع ڪندي جان جو نذرانو پيش ڪري تاريخ ۾ پنهنجو نالو سدائين جي لاءِ امر ڪري ڇڏيو: صدر آصف علي زرداري

مزید خبریں
اسلام آباد – 12 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ميجر راجا عزيز ڀٽي شهيد 1965ع جي جنگ ۾ ملڪ جو دفاع ڪندي جان جو نذرانو پيش ڪري تاريخ ۾ پنهنجو نالو سدائين جي لاءِ امر ڪري ڇڏيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ميجر راجا عزيز ڀٽي شهيد (نشانِ حيدر) جي 61هين ورسيءَ تي پنهنجي پيغام ۾ شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪندي صدر چيو ته ميجر راجا عزيز ڀٽي شهيد جي عظيم قرباني ملڪ وطن جي مٽيءَ جي تقدس ۽ ملڪي دفاع جي لاءِ اڻٿڪ عزم جو روشن مثال آهي. صدر چيو ته ميجر راجا عزيز ڀٽي شهيد جي لازوال قرباني ۽ بي مثال شجاعت پوري قوم جي لاءِ فخر جوڳي ۽ نوجوان نسل جي لاءِ مشعل راهه آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان پنهنجي شهيدن جي قربانين کي سدائين ياد رکندو، اسان جا شهيد آزادي، خودمختياري ۽ قومي سلامتي جو مضبوط بنياد آهن. صدر چيو ته قوم پنهنجي بهادر شهيدن جي قربانين جي سدائين قدر ۽ انهن جي حب الوطني جي جذبي کي سلام پيش ڪندي رهندي.










