ڪراچي-11 سيپٽمبر (اي پي پي) ڪراچي جي ميئر بيرسٽر مرتضيٰ وهاب پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناحؒ جي 78هين ورسي جي موقعي تي مزار قائد تي حاضري ڀري، فاتحه خواني ڪئي ۽ پاڪستان جي باني جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي. ان موقعي تي هن ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، ترقي، خوشحالي ۽ استحڪام لاءِ دعا پڻ گهري. مزار قائد تي ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي بيرسٽر مرتضيٰ …
ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب پاران قوم جي ابي قائداعظم محمد علي جناحؒ جي مزار قائد تي حاضري
ڪراچي-11 سيپٽمبر (اي پي پي) ڪراچي جي ميئر بيرسٽر مرتضيٰ وهاب پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناحؒ جي 78هين ورسي جي موقعي تي مزار قائد تي حاضري ڀري، فاتحه خواني ڪئي ۽ پاڪستان جي باني جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي. ان موقعي تي هن ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، ترقي، خوشحالي ۽ استحڪام لاءِ دعا پڻ گهري. مزار قائد تي ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي بيرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته قائداعظم محمد علي جناحؒ ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ هڪ آزاد مملڪت جي حصول جي راهه هموار ڪئي ۽ مسلمانن کي متحد ٿي جدوجهد ڪرڻ جو عزم ۽ حوصلو ڏنو. سندس بي مثال قيادت ۽ اڻٿڪ جدوجهد جي نتيجي ۾ پاڪستان هڪ آزاد ملڪ جي حيثيت سان دنيا جي نقشي تي اڀريو. بيرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته شهر ۾ غيرقانوني طور هٿياربند سيڪيورٽي گارڊن کي پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن طور ظاهر ڪرڻ جو سلسلو ڪنهن به صورت ۾ درست ناهي. حڪومت طرفان ان معاملي خلاف ڪارروائي هڪ سٺو قدم آهي ۽ پوليس کي گهرجي ته اها ڪارروائي وڌيڪ اڳتي وڌائي، جيئن شهر ۾ پرائيويٽ مليشيا جي تصور جو خاتمو آڻي سگهجي.










