ڪراچي -11 سيپٽمبر (اي پي پي)سنڌ جي سينئر ،اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته لوڊشيڊنگ سنڌ ۾ هڪ تمام سنگين مسئلو آهي، پاڻي ۽ بجلي واري وزارت جي نااهلي ۽ بدانتظامي عوام کي تڪليف ۾ وجهي رهي آهي، هن چيو ته حيسڪو، سيپڪو ۽ ڪي اليڪٽرڪ جهڙيون ڪمپنيون ماڻهن کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي رهيون آهن.سنڌ اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي …
لوڊشيڊنگ سنڌ ۾ هڪ تمام سنگين مسئلو آهي، وزارت جي نااهلي ۽ بدانتظامي عوام کي تڪليف ۾ وجهي رهي آهي: شرجيل انعام ميمڻ
ڪراچي -11 سيپٽمبر (اي پي پي)سنڌ جي سينئر ،اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته لوڊشيڊنگ سنڌ ۾ هڪ تمام سنگين مسئلو آهي، پاڻي ۽ بجلي واري وزارت جي نااهلي ۽ بدانتظامي عوام کي تڪليف ۾ وجهي رهي آهي، هن چيو ته حيسڪو، سيپڪو ۽ ڪي اليڪٽرڪ جهڙيون ڪمپنيون ماڻهن کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي رهيون آهن.سنڌ اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪي اليڪٽرڪ کي خانگي شعبي کي ڏنو ويو هو، پر ڪراچي ۾ اڃا تائين لوڊشيڊنگ جاري آهي. اهو مسئلو اسيمبلي ۾ بار بار اٿاريو ويو آهي ۽ اسيمبلي ۾ موجود سڀئي سياسي پارٽيون متفق آهن ته ڪي اليڪٽرڪ، حيسڪو ۽ سيپڪو ماڻهن کي گهربل سهولت فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي رهيون آهن. هن چيو ته بجلي فراهم ڪندڙ ڪمپنيون به منافعو ڪمائي رهيون آهن، پوءِ حڪومت هن مسئلي کي مستقل طور تي حل ڪرڻ لاءِ هڪ مؤثر ميڪنزم ڇو نٿي جوڙي؟ رڳو هڪ ميڪنزم ٺاهڻ يا بجلي جي بلن جي وصولي بابت ڳالهائڻ سان مسئلو حل نه ٿيندو، اصل ضرورت اها آهي ته بنيادي سطح تي هڪ اثرائتو نظام جوڙيو ڪيو وڃي.هن چيو ته اهو پڻ ڏسڻ گهرجي ته بجلي جو بل ڪير ادا ڪري رهيو آهي ۽ ڪير نه. جيڪڏهن ڪو صارف بل ادا نٿو ڪري ته ان جي خلاف ڪارروائي جو هڪ جوڳو نظام هجڻ گهرجي، پر اهو پڻ يقيني بڻائڻ گهرجي ته جيڪي ماڻهو بجلي جو بل باقاعدگي سان ادا ڪري رهيا آهن انهن کي بنيادي بجلي جون سهولتون ڏنيون وڃن. هن چيو ته گرمين ۾ گرمي پد 50 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي ويندو آهي ، جڏهن ته ڪجهه علائقن ۾ 18 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ ٿيندي آهي. اهو ڪيئن قبولڻ جوڳو ھوندو ته سخت گرمي ۾ ماڻهن کي اھڙي ريت تڪليف ۾ رکيو وڃي؟ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اهو مسئلو قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ به اٿارڻ گهرجي ۽ اسان جي پارٽي جا ميمبر پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن ۾ هن مسئلي تي آواز اٿاري رهيا آهن. هن چيو ته مسئلو صرف بجلي تائين محدود ناهي، پاڻي ۽ گئس جي معاملي ۾ به ساڳيا مسئلا درپيش آهن. ڪراچي لاءِ پيئڻ جي پاڻي جو مسئلو پڻ تمام اهم آهي، اهو شهر کي فراهم ٿيندڙ پاڻي جو مکيه ذريعو آهي ۽ ڪراچي لاءِ ڪو ٻيو متبادل ذريعو ناهي سنڌ خاص طور تي ڪراچي ۾ صاف پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي جي حوالي سان سنگين مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن. اسان کي انهن سڀني مسئلن کي پارليامينٽ ۾ اٿارڻ گهرجي ۽ هڪ اهڙو اثرائتو طريقو ٺاهڻ گهرجي جنهن ذريعي لاڳاپيل ادارن کي جوابده قرار ڏئي سگهجي.











