لاهور- 07 جولاءِ (اي پي پي) پنجاب جي وزيراعلي مريم نواز ڪوئيٽا جي علائقي مانگي فيز ٿري ۾ دهشتگردن جي حملي جي شديد مذمت ڪئي آهي. هن ڪوئيٽا ۾ دهشتگردن جي حملي کي ناڪام بڻائيندي شهادت ماڻيندڙ پوليس اهلڪارن جي لازوال قرباني کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو ۽ سوڳوار خاندانن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. هن چيو ته دهشتگردي خلاف …
پنجاب جي وزيراعلي پاران ڪوئيٽا جي علائقي مانگي فيز ٿري ۾ دهشتگردن جي حملي جي شديد مذمت
لاهور- 07 جولاءِ (اي پي پي) پنجاب جي وزيراعلي مريم نواز ڪوئيٽا جي علائقي مانگي فيز ٿري ۾ دهشتگردن جي حملي جي شديد مذمت ڪئي آهي. هن ڪوئيٽا ۾ دهشتگردن جي حملي کي ناڪام بڻائيندي شهادت ماڻيندڙ پوليس اهلڪارن جي لازوال قرباني کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو ۽ سوڳوار خاندانن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ، بقا جي جنگ آهي. هن چيو ته شهادت ماڻيندڙ اهلڪارن جي لازوال قرباني کي پوري قوم سلام پيش ڪري ٿي.










