اسلام آباد- 07 جولاءِ (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين اڱاري ڏينهن رباط ۾ مراڪش جي زراعت، ماهيگيري، ڳوٺاڻي ترقي ۽ جهنگلات واري وزير احمد البواري سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ زرعي شعبي ۾ ٻطرفي سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي مختلف رُخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اڱاري ڏينهن وزارت مان جاري بيان مطابق ملاقات ۾ ٻنهي وزيرن، زراعت …
وفاقي وزير راڻا تنوير حسين جي مراڪش جي زراعت واري وزير سان ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد- 07 جولاءِ (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين اڱاري ڏينهن رباط ۾ مراڪش جي زراعت، ماهيگيري، ڳوٺاڻي ترقي ۽ جهنگلات واري وزير احمد البواري سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ زرعي شعبي ۾ ٻطرفي سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي مختلف رُخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اڱاري ڏينهن وزارت مان جاري بيان مطابق ملاقات ۾ ٻنهي وزيرن، زراعت ۽ غذائي تحفظ جي شعبن ۾ جاري ٻطرفي سهڪار جو جائزو ورتو ۽ زرعي واپار، لائيو اسٽاڪ جي ترقي ۽ سگهه ۾ اضافي ۽ فني مهارت ۽ تجربن جي مٽا سٽا سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ وسعت ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي ڌرين، گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ جي پنهنجي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته پاڪستان ۽ مراڪش وچ ۾ زرعي ڀائيواري کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ لاءِ ويجها رابطا برقرار رکيا ويندا. ملاقات دوران وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، احمد البواري کي پاڪستان جي سرڪاري دوري جي دعوت ڏني، جنهن تي هن ان دعوت جي آجيان ڪئي، جڏهن ته ٻنهي وزيرن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته اعليٰ سطح جي گڏيل مٽا سٽا سان ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا ۽ زرعي شعبي ۾ گڏيل مفاد تي ٻڌل سهڪار کي نئين جدت ملندي.









