اسلام آباد-07 جولاءِ (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ گهميل رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ڪشمير، خيبر پختونخوا، اتر اوڀر پنجاب، اوڀر بلوچستان ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائون/ آنڌاڻي هلڻ ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم …
ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ گهميل رهڻ جو امڪان آهي: موسميات کاتو
اسلام آباد-07 جولاءِ (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ گهميل رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ڪشمير، خيبر پختونخوا، اتر اوڀر پنجاب، اوڀر بلوچستان ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائون/ آنڌاڻي هلڻ ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ گهميل رهي، جڏهن ته سنڌ، مٿانهين خيبرپختونخوا، اسلام آباد، گلگت بلتستان ۽ زوب ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن/ آنڌاڻي ۽ گجگوڙ سان برسات پئي. اڱاري ڏينهن رڪارڊ ڪيل وڌ ۾ وڌ گرمي پد تربت 49، سبي 47، دالبندين 45، روهڙي، اوڪاڙه، سکر، دادو ۾ 44 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. موسميات کاتي چيو آهي ته موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي عربي سمنڊ مان گهميل هوائون ملڪ جي مٿانهين وارن علائقن ۾ داخل ٿي رهيون آهن، جڏهن ته هڪ گهٽ شدت جو اولهه وارين هوائن جو سلسلو ملڪ جي مٿانهين وارن علائقن تي اثر انداز ٿي رهيو آهي.










