اسلام آباد -27 آگسٽ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ ٻوڏ واري صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ پاور ڊويزن ڊسڪوز کي هنگامي الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي. گذريل ڏينهن توانائي وزارت (پاور ڊويزن) طرفان جاري بيان موجب سموريون ڊسڪوز برساتن ۽ ٻوڏ دوران بجلي جي مسلسل فراهمي کي يقيني بڻائين، ٻوڏ واري صورتحال ۾ بجلي جي انفراسٽرڪچر جي تحفظ لاءِ خاص قدم کنيا وڃن. پاور ڊويزن موجب سب اسٽيشنن، فيڊرز ۽ ڪنٽرول رومز کي محفوظ بنائڻ لاءِ فوري قدم کنيا وڃن. آپريشنل ٽيمون الرٽ رهن ۽ هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار رهن. پاور ڊويزن موجب پاور ڊويزن ۾ فلڊ مانيٽرنگ سيل قائم ڪيو ويو آهي، ڊسڪوز روزانو جي بنياد تي رپورٽ جمع ڪرائين. ڊسڪوز کي ڏينهن ۾ ٻه ڀيرا صورتحال جي رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. پاور ڊويزن ڊسڪوز کي مقامي ڊزاسٽرمينيجمينٽ اٿارٽي ۽ ٻين ادارن سان ويجهي رابطي ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي آهي. اي