ڪويت سٽي _ 19 آگسٽ(اي پي پي) ڪويت جي حڪومت مشهور ليکڪ ۽ فني پروڊيوسر عيسيٰ العلوي جيڪو “ فروغي “ پروڊڪشن ڪمپني جو مالڪ آهي ۽ نار ۾ اها ڪمپني فني، فلمي ۽ ٿيٽريڪل پروڊڪشن ۾ نمايان حيثيت رکي ٿي. ذريعن  مطابق شهريت جي ڇنڊ ڇاڻ  ڪندڙ اعليٰ ڪميٽي عيسيٰ العلوي سميت ڪيترن ئي اهم شخصيتن جي شهريت ختم ڪري ڇڏي آهي. تازو ئي ڪارروائي ۾ مجموعي طورتي 363 ماڻهن جي شهريت واپس ورتي وئي جنهن ۾ پروڊيوسر عيسى العلوي به شامل آهي. ان فيصلي بعد عيسيٰ العلوي به انهن فنڪارن جي لسٽ ۾ شامل ٿي ويو آهي جن جي شهريت ڪويت جي حڪومت ان اکان اڳ رد ڪري چڪي آهي. ان فهرست ۾ مشهور فنڪاره نوال ۽ اداڪار داد حسين به شامل آهن.