اسلام آباد -04 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۾ ايران جي سفير رضا اميري مقدم اسلامي جمهوريه ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پيز شڪيان جي پاڪستان جي دوري جي حوالي سان پنهنجي پيغام چيو ته ايران جي صدر ۽ سندس وفد جي شاندار ۽ بهترين مهمان نوازي تي دوست ۽ پاڙيسري ملڪ پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام جو دل جي گهرائين سان ٿورو ادا ڪيان ٿو. سماجي رابطي واري ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ رضا اميري مقدم پاڪستا جي دوري دوران يادگار ۽ تاريخي گهڙيون فراهم ڪرڻ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن ايوان صدر ۾ صدر مملڪت آصف علي زرداري جي ايراني وفد جي شاندار ميزباني تي به ٿورو مڃيو. ايراني سفير چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير (نشان امتياز ملٽري) جي ان اعليٰ سطح جي دوري کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ شاندار تعاون تي دل جي گهرائين سان تعريف ڪئي. هن نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، پرڏيهي وزارت جي اختيارين جو به خاص ٿورو مڃيو جن ان اعليٰ سطح جي دوري کي منظم ۽ مربوط بڻائڻ ۾ پيشيواراڻي مهارت جو مظاهرو ڪيو. رضا اميري مقدم پنهنجي پوسٽ ۾ اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف جو به خاص طور تي ٿورو مڃيندي چيو ته انهن پنهنجي تاريخي ۽ خوبصورت شهر لاهور جي دوري دوران ايراني وفد جي شاندار آجيان ڪئي ۽ بهترين مهمانوازي پڻ ڪئي. هن چيو ته مان وفاقي وزيرن خواجه محمد آصف، رياض حسين پيرزاده، ڄام ڪمال خان، عبدالعليم خان، محمد رضا حيات ۽ عطاالله تارڙ جو به ٿورائتو آهيان جن پنهنجن لاڳاپيل کاتن تحت ٻه طرفن لاڳاپن جي استحڪام جون مخلصاڻيون ڪوششون ڪيون. ۽ 12 اهم ايم او يوز کي حتمي شڪل ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سفير پنهنجي پوسٽ ۾ چيو ته پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ ويجها تاريخي، ثقافتي ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپا آهن ۽ تازي دوري دوران ٻنهي ملڪن واپار، بنيادي ڍانچي ۽ ثقافت سميت مختلف شعبن ۾ ڪيترن ئي معاهدن تي صحيحيون ڪيون آهن. اهو دورو ٻنهي ملڪن وچ ۾ پراڻن لاڳاپن ۾ هڪ اهم سنگ ميل رکي ٿو ۽ گڏيل لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ۾ هڪ نئين باب جي نشاندهي ڪري ٿو. هن چيو ته ان موقعي تي ڌرين مختلف شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ لاءِ پنهنجي پختي عزم جو به ورجاءُ ڪيو. ٻنهي ملڪن جي اعليٰ قيادت جي مضبوط عزم ۽ لاڳاپن کي نئين سطح تائين بلند ڪرڻ ۽ خاص طور تي ٻه طرفه واپاري ڳاڻيٽي کي 10 ارب ڊالر تائين وڌائڻ جي گڏيل هدف کان پوءِ پنهنجي لاءِ فرض سمجهان ٿو، ته مون تي اها ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته مان اسلامي جمهوريه ايران جي سفارتخاني جي پنهنجي ساٿين سميت هدف حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي اختيارين سان گڏيل نقطئه نظر جي تڪميل لاءِ ڪم ڪيان. پنهنجي پوسٽ جي آخر ۾ هن ايران پاڪستان دوستي زنده باد، پائينده باد جو هيش ٽيڪ به شيئر ڪيو.