اسلام آباد-12 جون (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته وفاقي بجيٽ 26-2025ع پاڪستان جي معيشت کي بحران مان ڪڍي استحڪام ۽ ترقيءَ جي نَون راهن تي گامزن ڪرڻ جو عملي خاڪو آهي. ڪالهه پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته موجوده حڪومت جنهن وقت 22ع ۾ ذميداريون سنڀاليون ته ملڪ مڪمل اقتصادي بحران جو شڪار هو، مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا اڻلڀ هئا، ڪرنسي غير مستحڪم هئي، ترقياتي بجيٽ جي ادائگي ممڪن نه هئي، اڄ پنهنجا قرض، دفاعي خرچ ۽ ترقياتي خرچ پاڻ پورا ڪري رهيا آهيون. وفاقي وزير چيو ته معاشي استحڪام هڪ ڏينهن ۾ حاصل نٿو ٿئي، ان لاءِ مشڪل ۽ دورانديش فيصلا ڪرڻا پون ٿا، حڪومت غير ضروري سبسڊيز جي نئين سر ترتيب، توانائي جي اگهن ۾ اصلاح، مالياتي نظم و نسق ۽ عالمي مالياتي ادارن کان شفاف معاملن ذريعي ملڪ کي ڏيوالو ٿيڻ کان بچايو، هاڻ اهي ئي ڪوششون اسان کي ٻيهر ترقيءَ جي راهه تي آڻي رهيون آهن. هن چيو ته فچ طرفان پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ ۾ بهتري، وڌندڙ مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا، پرڏيهه مان موڪليل ناڻو 23 ارب ڊالرن جي سطح تي پهچڻ ۽ 2.7 سيڪڙو جي ڊي پي گروٿ جو هدف، هي سڀ پاڪستان جي معاشي بحاليءَ جا واضح ثبوت آهن. بجيٽ 26-2025ع صرف انگن اکرن جو مجموعو ناهي پر ”اُڏام پاڪستان“ ويزن جو عملي تعبير آهي، هي بجيٽ ترقي، مساوات، روانگي واپار، ڊجيٽل پاڪستان ۽ ماحول دوست معيشت جهڙن اهم 5 شعبن تي ٻَڌل آهي. وفاقي وزير چيو ته وفاقي ترقياتي پروگرام پي ايس ڊي پي لاءِ هڪ کرب رپيا رکيا ويا، جڏهن ته صوبائي ترقياتي پروگرام 3.2 کرب رپين تي ٻَڌل آهي، وفاقي ۽ صوبائي سطح تي ترقياتي خرچن جو هم آهنگ ماڊل پاڪستان جي گڏيل ترقيءَ جو ضامن آهي. وفاقي وزير بجيٽ ۾ سماجي تحفظ لاءِ وڌندڙ ترجيحن جو به ذڪر ڪيو. هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو بجيٽ 600 ارب رپين مان وڌائي 716 ارب رپيا ڪيو ويو آهي، پگهاردار طبقي کي انڪم ٽيڪس ۾ نرمي ڏني وئي آهي، جڏهن ته مهانگائي جي اثرن کان بچڻ لاءِ گهٽ آمدني وارن طبقن لاءِ هدفي سبسڊيز فراهم ڪيون پيون وڃن، صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ رڪارڊ سيڙپڪاري ڪئي پئي وڃي، جن ۾ پمز ۾ 6600 نوان بيڊز، شيخ زيد اسپتال جي اپ گريڊيشن ۽ اسلام آباد ۾ جديد سهولتن سان اسپتال بنايو پيو وڃي، ان کان علاوه نوان يونيورسٽي ڪيمپس، دانش اسڪول ۽ جديد ڊجيٽل سهولتون رکندڙ تعليمي ادارا پڻ قائم ڪيا پيا وڃن. احسن اقبال چيو ته توانائي جي شعبي ۾ پاڪستان پهريون ڀيرو جامع رٿابندي تحت پاڻڀرو ٿيڻ طرف وڃي رهيو آهي. 12 نوان هائيڊرو پاور منصوبا، 1200 ميگاواٽ جو سنڌ سولر پروجيڪٽ، اوڀر ۽ ڏکڻ کي جوڙيندڙ ٽرانسميشن لائنز ۽ آءِ پي پيز سان معاهدن جا نون شرط جهڙا قدم پاڪستان کي توانائي جي بحران مان ڪڍڻ ۾ مدد ڏيندا. وفاقي وزير واضح ڪيو ته انهن سمورن قدمن جو مقصد ملڪ کي معاشي، ماحولياتي ۽ سماجي لحاظ کان مستحڪم بنائڻ آهي. هن واضح ڪيو ته مالي ڏُکيائين باوجود حڪومت ترقياتي خرچن ۾ اعليٰ ترجيحن کي نظر ۾ رکيو. 367 غير مؤثر منصوبن کي خارج ڪري 2730 ارب رپين جي بچت ڪئي وئي ۽ 801 منصوبا ۽ ان جي اثرن ۽ روزگار جي موقعن جي لحاظ کان چونڊيا ويا. ان سلسلي ۾ بلوچستان، ضم ٿيل ضلعن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جهڙن پُٺتي پيل علائقن تي خاص ڌيان ڏنو ويو. احسن اقبال چيو ته پاڪستان جو هر شهري ترقيءَ جو حقدار آهي ۽ هي بجيٽ ان قومي جذبي جي عڪاسي ڪري ٿو. هن چيو ته اسان بحرانن مان نڪرڻ جو هنر سکيو آهي، هاڻي ترقيءَ جي رفتار کي تيز ڪرڻ جو وقت آهي، اسان هڪ نئين پاڪستان جو بنياد رکي رهيا آهيون. اهڙو پاڪستان جيڪو پاڻڀرو هجي، منصفاڻو هجي، جديد هجي ۽ سڀني لاءِ هڪجهڙي ترقيءَ جو ضامن هجي. وفاقي وزير صحافين جي سوالن جي جواب ۾ چيو ته بجيٽ ۾ تنقيد جي گنجائش آهي پر حقيقت هي آهي ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ايتري جامع ۽ توازن تي ٻَڌل مالياتي پاليسي ڏني وئي آهي جنهن ۾ معاشي ترقي، سماجي تحفظ ۽ اداره جاتي سڌارن کي هڪ ئي وقت ۾ ترجيح ڏني وئي آهي.