اسلام آباد – 12 – جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان آزاد ڪشمير قانونساز اسيمبلي جي ميمبرن جي وفد ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ آزاد ڪشمير جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفد صدر کي آزاد ڪشمير جي مسئلن ۽ ترقياتي ضرورتن جي حوالي سان آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ آزاد ڪشمير جي مسئلن ۽ خطي ۾ سهولتن جي فراهمي تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. صدر آزاد ڪشمير جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ خطي جي عوام جي ڀلائي تي خاص ڌيان ڏيڻ تي زور ڏنو.