اسلام آباد-11 جون (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اربع ڏينهن ڪاروباري هفتي جي شروعات تي سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ نمايان اضافو ڏسڻ ۾ آيو، جنهن جي نتيجي ۾ 100 انڊيڪس ۾ 2211 پوائنٽس جو غير معمولي اضافو رڪارڊ ٿيو. انڊيڪس ۾ 124،235 پوائنٽس جي سطح تي پهچي ويو جيڪو تازن مهينن جي بلند ترين سطح ۾ شمار ٿئي ٿو. واپاري سيشن دوران مارڪيٽ جو مجموعي ماحول هاڪاري رهيو ۽ سيڙپڪارن، وڏي پيماني تي خريداري ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي. ماهرن مطابق اها تيزي تازي اقتصادي استحڪام، آءِ ايم ايف سان ڳالهين ۾ اڳڀرائي ۽ ايندڙ بجيٽ سان واڳيل هاڪاري اميدن جو نتيجو آهي. سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافو ملڪي معيشت جي بهتر مستقبل جي اميدن جو مظهر آهي، اسان اميد ڪريون ٿا ته اهو رجحان برقرار رهندو ۽ مارڪيٽ وڌيڪ مستحڪم ٿيندي. ماهرن چيو ته جيڪڏهن موجوده معاشي پاليسين ۾ تسلسل برقرار رهيو ته اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ وڌيڪ بهتري جو امڪان آهي جيڪو ملڪي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن لاءِ سٺو سئنوڻ وارو پيغام آهي.