اسلام آباد -11 جون (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول بابت وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي، ملڪي کي دستاويزي شڪل ڏيڻ، حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي آڻڻ، ٽيرف سڌارن سميت بنيادي معاشي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ ضروري آهي، اسان جي ڪوشش آهي، ته مجموعي طور ٽيرف رجيم ۾ 4 سيڪڙو جي گهٽتائي آندي وڃي، 2 ٽريلين جي واڌو ٽيڪس قدمن ۾ 312 ارب روپين جي نئين ٽيڪس آهي، 2 ٽريلين جي واڌو هدفن جو وڌيڪ حصو خودمختيار اوسر ۽ لاڳو قدمن ذريعي حاصل ڪيو ويندو، 9.4 ٽريلين جي غيردستاويزي معيشت کي دستاويزي شڪل ڏيڻ ضروري آهي، سيپٽمبر ۾ يورو بانڊن مان 500 ملين ڊالرز پاڪستان کي ملي ويندا، سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 10 سيڪڙو اضافي سان خزاني تي 28 کان 30 ارب روپين جو واڌ بار پوندو، بجلي جي بلن تي 10 سيڪڙو سرچارج لاڳو ناهي ڪئي وئي. ناڻي واري سيڪريٽري امداد الله بوسال، ايف بي آر چيئرمين ۽ حڪومت جي معاشي ٽيم جي ٻين ميمبرن سان گڏ پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس دوران ناڻي واري وزير چيو ته ايندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ ٽيرف سڌارن تي خاص ڌيان ڏنو ويو آهي، جنهن جي وڏي اهميت آهي، ان جو پهريون مقصد پروٽيڪٽيڊ رجيم کي تبديل ڪرڻ آهي ته جيئن ڪيش ۽ انساني وسيلن ۾ بهتري اچي، ان سان روانگي واپار جي شعبي کي پڻ فائدو پهچندو. حڪومت سمجهي ٿي ته ڍانچا جاتي بنيادن تي ملڪ کي اڳيان وٺي وڃڻ لاءِ معيشت جي بنيادي ڊي اين اي کي تبديل ڪرڻ ضروري آهي، ناڻي واري وزير چيو ته 7 هزار ٽيرف لائين مان 4 هزار تي اضافي ڪسٽم ڊيوٽي ختم ڪئي وئي آهي. 2700 مان ڪسٽم ڊيوٽي جي شرح گهٽ ڪئي وئي، اهڙي ريت 2 هزار اهڙي ٽيرف لائين آهن جن جو تعلق ڪچي مال سان آهي ۽ ان سان روانگي واپار جي صنعت کي يقيني طور فائدو پهچندو. ٽيرف سڌارن جو اهو سلسلو جاري رهندو ۽ اسان جي ڪوشش آهي ته مجموعي طور تي ٽيرف رجيم ۾ 4 سيڪڙو جي گهٽتائي آندي وڃي. ناڻي واري وزير چيو ته وزيراعظم ۽ سندس ڪوشش هئي ته پگهاردار طبقي کي جيترو رليف ڏئي سگهجي پر ان ۾ اسان پنهنجي مالي گنجائش مطابق وڃي سگهون ٿا، اهڙي طرح وچولي درجي جي ڪارپوريٽ شعبي لاءِ سپر ٽيڪس ۾ 0.5 سيڪڙو جي گهٽتائي ڪئي آهي. هن چيو ته تعميراتي شعبي ۾ ٽيڪس گهٽ ناهي ٿي پر ڪوشش ڪئي وئي آهي ته ٽرانزيڪشن جي لاڳت ۽ خرچن ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي، 5 مرله گهر ٺاهيندڙن کي مارگيج فنانسنگ ۾ سهولتون فراهم ڪري رهيا آهيون. ان سلسلي ۾ اسٽيٽ بئنڪ سان اسان جون ڳالهيون جاري آهن ۽ اهو سلسلو آهستي آهستي اڳيان وڌايو ويندو. ناڻي واري وزير چيو ته آءِ ايم ايف سان طئي ٿيل معاملن مطابق ڀاڻ ۽ جيت مار دوائن تي اضافي ٽيڪس لاڳو ڪرڻو هو، جنهن جو مقصد ڇوٽ جو خاتمو آهي، وزيراعظم جي هدايت تي گذريل سال اسان جون آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ٿيون هيون ته اهو ٽيڪس نه لڳايو وڃي، اهو درست رخ ۾ قدم آهي. هن چيو ته ٽيڪس جي تعميل ۽ سڌارن جو عمل اڳيان وڌي رهيو آهي، هن سال جي ڊي پي جي تناسب سان ٽيڪسن جي شرح 10.3 سيڪڙو رهي جيڪا ايندڙ مالي سال ۾ 10.9 سيڪڙو ٿي ويندي. هن چيو ته 2 ٽريلين جي اضافي ٽيڪس سڌارن ۾ 312 ارب روپين جي نئين ٽيڪس آهي، 2 ٽريلين جي اضافي هدف جو وڌيڪ حصو خودمختيار اوسر ۽ لاڳو قدمن ذريعي حاصل ڪيو ويندو. ان حوالي سان اسان قانونسازي ڏانهن وينداسين ۽ پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن کي اعتماد ۾ وٺنداسين، جيڪڏهن لاڳو قدم نه کنيا ويا ته اسان کي 400 کان 500 ارب روپين تائين جي ٽيڪس لڳائڻي پوندي. ناڻي واري وزير چيو ته پگهارن ۽ پينشن ۾ اضافي جو تعلق ناڻي واڌ سان آهي، پينشن سڌارن جو عمل جاري آهي، حڪومت پينشن کي ناڻي واڌ سان ڳنڍي ڇڏيو آهي. هن چيو ته زراعت معيشت جي انجڻ آهي، زرعي جي ڊي پي ۾ ڊيري ۽ لائيو اسٽاڪ جو حصو 60 سيڪڙو لڳ ڀڳ آهي، اسٽوريج سهولتون، فنانسنگ ۾ اضافي ۽ ننڍن آبادگارن کي قرض ڏنا ويندا، ان حوالي سان صوبن سان گڏجي ڪم ڪنداسين جيڪي شعبا صوبن ڏانهن هليا ويا آهن، وفاقي حڪومت انهن ۾ ڀرپور مدد فراهم ڪندي. هن چيو ته پگهارن ۽ پينشن جي حوالي سان بينچ مارڪ هئڻ گهرجي، سڄي دنيا ۾ مهانگائي جي شرح سان اضافو ٿيندو آهي، حڪومت ٽيڪسن ۾ گهڻو اضافو ناهي ڪيو، ان جي ابتڙ ڪفايت شعاري ۽ خرچن ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي. هن سال حڪومتي خرچن ۾ 1.9 سيڪڙو جو معمولي اضافو ٿيو آهي، حڪومت سبسڊيز کي ختم ڪري رهي آهي جڏهن ته قرضن جي انتظام کي به بهتر بڻايو پيو وڃي. وفاقي حڪومت جي خرچن ۾ گهٽتائي اسان جي ترجيح آهي، پنهنجي چادر ڏسي پير ڊگهيڙڻ گهرجن ڇاڪاڻ ته جيتريون به سهولتون عوام کي فراهم ڏنيون پيون وڃن اهي قرض وٺي ڏئي رهيا آهيون. ناڻي واري وزير چيو ته معيشت کي دستاويزي شڪل ڏيڻ وقت جي ضرورت آهي، هن وقت غير دستاويزي معيشت جو ڪاٿو 9.4 ٽريلين آهي. ناڻي واري وزير چيو ته اين ايف سي سان واڳيل معاملا صوبن جي مشاورت سان اڳيان وڌايا ويندا. اين ايف سي جي حوالي سان نامزدگيون گهرايون ويون آهن. وزيراعظم پاڻ چيو آهي، ته آگسٽ ۾ اين ايف سي جو اجلاس ٿيندو. ناڻي واري وزير چيو ته بجلي جي بلن تي 10 سيڪڙو سرچارج لاڳو ناهي ڪيو ويو، وزيرن ۽ پارليامينٽيرينز جي پگهارن ۾ اضافي بابت سوال تي ناڻي واري وزير چيو ته آخري ڀيرو 2016ع ۾ وزيرن جي پگهارن کي ايڊجسٽ ڪيو ويو هو، جنهن کانپوءِ ان ۾ ڪا به تبديلي ناهي ڪئي وئي هئي، انهي لاءِ سندن پگهارن ۾ اضافو وڌيڪ نظر اچي رهيو آهي. هن چيو ته موسمياتي تبديلي جي حوالي سان ڊان گروپ جيڪي قدم کنيا آهن، اهي واکاڻ جوڳا آهن، اها وقت جي اهم ضرورت آهي، ته اهي حڪومت سان گڏوگڏ گلوبل وارمنگ جي حوالي سان قدم کڻي رهيا آهن. هن چيو ته ملڪ ۾ 63 سيڪڙو نوجوانن لاءِ حڪومت ترجيحي بنيادن تي ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ قدم کنيا آهن، جنهن جا ڏور رس نتيجا سامهون ايندا. هلندڙ سال پاڪستان يوٿ فري لانسنگ ذريعي 400 ملين ڊالر ڪمايا آهن ۽ ان کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ وڌيڪ قدم کڻي رهيا آهيون. هن چيو ته هن سال ٽيڪس جي ڀيٽ ۾ جي ڊي پي جي شرح 10.3 سيڪڙو آهي، جيڪا ايندڙ سال انشاء الله 10.9 سيڪڙو هوندو. 22کرب جي جيڪا ڳالهه ڪئي وئي آهي، ان مان اضافي ٽيڪس رڳو 312 ارب روپيا آهي ان بابت سوچيو ته 22 کرب مان رڳو 312 ارب روپين جي واڌو ٽيڪس آهي ۽ باقي خودمختيار اوسر ۽ لاڳو قدمن تحت آهي. ناڻي واري وزير چيو ته ان حوالي سان اسان هاڻي قانونسازي طرف وينداسين. ۽ ٻنهي ايوانن سان ڳالهيون ڪنداسين ۽ ٽيڪس لڳائڻ لاءِ قانون ۾ ترميم ڪئي ويندي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ته ٽيڪس لاڳو نه ٿي سگهيو ته 400 کان 500 ارب روپين جا اضافي قدم کڻڻا پوندا. هن چيو ته پارليامينٽ ميمبرن کي اسان جي اها گذارش هوندي ته اهي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ لاءِ گهربل قانونسازي ۽ ترميم مهيا ڪن ته جيئن اسان کي اضافي قدم نه کڻڻا پون ۽ نظام ۾ ٽيڪس ليڪيج کي روڪي سگهجي. پاور سيڪٽر ۾ رڪوريز بهتر ٿي آهي هاڻي ٽرانسميشن نقصانن کي گهٽائڻ لاءِ ڪم ٿي رهيو آهي. هن چيو ته ضم ٿيل ضلعن ۾ سيلز ٽيڪس تي عمل مرحليوار هوندو ۽ پهرين مرحلي ۾ 10 سيڪڙو جي گهٽ شرح سان ان تي عمل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته هن سال سيپٽمبر ۾ يورو بانڊز مان 500 ملين ڊالرز پاڪستان کي ملي ويندا. ناڻي واري وفاقي سيڪريٽري امداد الله بوسال ان موقعي تي چيو ته ڀاڻ ۽ جيت مار دوائن تي گذريل سال ٽيڪس لڳائڻو هو، وزيراعظم جي هدايت تي اسان عالمي مالياتي فنڊ سان ڳالهيون ڪيون ۽ انهن سان واعدو ڪيو هو ته ايندڙ مالي سال ۾ ان تي ٽيڪس لڳايو ويندو. هن چيو ته زراعت ۾ ڪجهه قدم صوبن جڏهن ته ڪجهه وفاق کي ڪرڻا آهن. اسان آءِ ايم ايف کي راضي ڪيو ته هن سال ٽيڪس نه لڳايو وڃي، ايگري فنانس تي ڪم ٿي رهيو آهي. قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت ۾ وزيراعظم جي هدايت تي ٽاسڪ فورس به قائم ڪيو ويو آهي، انهن قدمن جو بنيادي مقصد زراعت کي هٿي وٺرائڻ آهي. ناڻي واري سيڪريٽري چيو ته جاري مالي سال ۾ خرچن جي رجحان کي ڏٺو وڃي ته حڪومت گهڻي ڪوشش ڪئي آهي ته خرچن تي ضابطو آندو وڃي، جتي ضرورت هئي اتي خرچ ڪيا ويا، جنهن جي ڪري جاري مالي سال ۾ خرچن ۾ صرف 1.9 سيڪڙو جو معمولي اضافو ٿيو، مالي سال 2022ع ۾ خرچن ۾ 15.9 سيڪڙو، مالي سال 2023ع ۾ 23.6 سيڪڙو ۽ 2024ع ۾ 12.2 سيڪڙو اضافو ٿيو هو. ناڻي واري سيڪريٽري ٻڌايو ته پگهارن ۾ 10 سيڪڙو اضافي سان خزاني تي 28 کان 30 ارب روپين جو اضافي بار پوندو. ايف بي آر جي چيئرمين چيو ته لوڪل سولر تي 18 سيڪڙو ٽيڪس هو ۽ جيڪو امپورت ٿي رهيو هو ان تي ٽيڪس زيرو هو، ته لوڪل سولر انڊسٽري طرفان اهو مطالبو هو ته امپورٽ سولر تي پڻ هڪجيترو ٽيڪس لڳايو وڃي ته جيئن فرق ختم ٿي وڃي. هن چيو ته ڪافي سميت چئن امپورٽ ٿيندڙ شين کي ٽئين شيدول ۾ انهي لاءِ شامل ڪيو ويو ته جيئن ظاهر ٿيل قيمت ۽ مارڪيت قيمت ۾ فرق جي نگراني ٿي سگهي. هن چيو ته غيرمنافعي بخش ادارن تي سڄي دنيا ۾ انڪم ٽيڪس جي ذميواري ناهي هوندي، اهڙن ادارن لاءِ شرط ۽ حدون هونديون آهن، اسان ٽيبل ون ۽ ٽيبل ٽو کي گڏ ڪري ڇڏيو آهي. آئينده ڪو به ادارو اسڪروٽني کان ٻاهر نه هوندو، اهو سڌارن جو حصو آهي. ايف بي آر چيئرمين چيو ته ٽيڪس رجيم، سيلف اسيسمينٽ جي بنياد تي ٿيندي آهي. لاڳو قدمن تحت نه رڳو ڊجيٽل انوائسنگ تي ڪم ٿي رهيو آهي پر ڪارگو ٽريڪنگ جي به نگراني ڪئي ويندي آهي. هاڻي هر ٻن مهينن کان پوءِ ريٽرن جمع ڪرڻ جي ضرورت نه هوندي، اهڙي طرح ادائگي جي نظام کي هم آهنگ ڪيو پيو وڃي، جيڪڏهن ڪو فراڊ ڪري رهيو آهي ته ان لاءِ قانونسازي ضروري آهي. هن چيو ته ايف بي آر جي آفيسرن کي اختيارن سان گڏوگڏ ذميواري ۽ جوابدهي به ضروري قرار ڏني وئي آهي.