ڪراچي-08 جون (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ملير ليبر اسڪوائر ۾ فيڪٽري ۾ باھ لڳڻ واري واقعي جو نوٽيس ورتو آھي. چيف منسٽر ھائوس مان جاري پريس رليز موجب وڏي وزير چيو تھ باھ تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي تھ جئين نقصان گھٽ کان گھٽ ٿئي. سنڌ جي وڏي وزير، ڊپٽي ڪمشنر ڪراچي کان واقعي جي رپورٽ پڻ طلب ڪري ورتي آھي. ھن چيو تھ باهه ڇو ۽ ڪئين لڳي مونکي ان جي مڪمل رپورٽ گھرجي. ھن چيو تھ باھ تي ضابطو آڻي ان جي رپورٽ پيش ڪئي وڃي.