اسلام آباد-05 جون (اي پي پي)سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني حج جي موقعي تي حج جو اهم رڪن ادا ڪرڻ تي سمورن حاجي سڳورن ۽ مسلمان امت کي خاص مبارڪون ڏنيون آهن. سينيٽ سيڪريٽريٽ طرفان جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پنهنجي مبارڪن واري پيغام ۾ چيو ته هن بابرڪت ڏينهن تي هر مسلمان عهد ڪري ٿو ته الله تعاليٰ جي حڪمن کي مڃيندي هو هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهي ۽ قرباني جو جذبو ان عهد جي به تائيد آهي جنهن جو حضرت ابراهيم اعلان ڪيو هو. هن چيو ته حج اسلام جو اهم ترين رڪن آهي ۽ اسان کي گهرجي ته قرآن ۽ سنت جو امن، اخوت ۽ ڀائيچاري جو پيغام انسانيت ۾ عام ڪريون. مسلمان امت کي هن وقت سڀني کان وڌيڪ اتحاد جي ضرورت آهي. هن چيو ته حج اسان کي برابري، اتحاد ۽ اخوت جو درس ڏي ٿو. سڄي دنيا مان آيل لکين مسلمان، رنگ نسل ٻولي ۽ قوميت کان مٿانهون ٿي هڪ لباس ۾ هڪ رب جي آڏو، هڪ ئي انداز ۾ سجدو ڪندا آهن، اهو منظر اسلامي امت جي وحدت ۽ روحاني يڪجهتي جو بهترين مثال آهي. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته انهن سمورن خوش نصيب حاجي سڳورن کي دل جي گهراين سان مبارڪون ڏيان ٿو جن هن سال بيت الله جي زيارت ۽ حج جو فرض ادا ڪرڻ جو شرف حاصل ڪيو، اهو سندن زندگي جو سڀ کان بابرڪت ۽ روح پرو لمحو آهي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ سندن عبادتن، دعائن ۽ قربانين کي قبول فرمائي ۽ حاجي سڳورا پنهنجي دلين ۾ سڪون، برڪت ۽ تقويٰ جو سرمايو کڻي وطن واپس اچن، سندن حاضري نه رڳو انهن لاءِ پر سڄي ملڪ ۽ مسلمان امت لاءِ خير ۽ برڪت جو ذريعو بڻجي.