اسلام آباد – 04 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پاڪستان عسڪري ميدان، بيانيي جي جنگ ۽ سفارتي محاذ تي ڀارت کي موثر ۽ ڀرپور انداز ۾ شڪست ڏني، وزيراعظم محمد شهباز شريف سفارتي محاذ تي پاڪستان جو موقف ڀرپور انداز ۾ پيش ڪيو، پاڪستاني ميڊيا حقيقتن سان ذميواراڻي صحافت ڪئي جڏهن ته ڀارتي ميڊيا فيڪ نيوز ۽ ڪوڙ جو سهارو ورتو، ڇڪتاڻ واري صورتحال ۾ پاڪستاني قوم مثالي يڪجهتي جو مظاهرو ڪيو، ڀارتي بيانيي کي هر محاذ تي ناڪامي کي منهن ڏيڻو پيو، ڀارت پنهنجي شرمندگي لڪائڻ جي لاءِ ڪوڙ تي ٻڌل پروپئگنڊه ڪري رهيو آهي. پي ٽي وي هيڊڪوارٽرز ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف سفارتي محاذ تي پاڪستان جو موقف موثر ۽ جرئتمنداڻي انداز ۾ دنيا آڏو پيش ڪيو، نائب وزيراعظم ۽ سندس ٽيم جذبي سان ڪم ڪيو، پاڪستان ڀارتي جارحيت جو ذميواراڻو جواب ڏئي عالمي سطح تي هڪ سنجيده رياست جو تاثر ڏنو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڀارتي ميڊيا روايتي طور تي ڪوڙ ۽ فيڪ نيوز جو سهارو ورتو، ڀارتي ميڊيا لاهور ۾ بندرگاهه تائين ٺاهي ڇڏي پر پاڪستاني ميڊيا قومي مفادن جو تحفظ ڪندي ذميواراڻي صحافت جو مثال قائم ڪيو. ان سفارتي ۽ بيانيي جي جنگ ۾ عالمي سطح تي پاڪستان کي ڪاميابي حاصل ٿي جنهن ۾ وزيراعظم، نائب وزيراعظم، سفارتي ٽيم، ميڊيا هائوسز، اينڪرز ۽ صحافين جو اهم ڪردار آهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ذميواراڻي رياست جي طور تي ريسپانس ڏنو، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي قيادت ۽ وار اسٽريٽجي ڀارت کي هر محاذ تي پوئتي هٽڻ تي مجبور ڪيو. هن چيو ته ”معرڪه حق“ ۽ ”آپريشن بُنيان مرصوص“ کي تاريخ ۾ سنهري لفظن ۾ ياد رکيو ويندو. عطاءُ الله تارڙ چيو ته ڇڪتاڻ واري صورتحال ۾ پاڪستاني قوم جنهن اتحاد ۽ ٻڌي جو مظاهرو ڪيو اهو مثالي هو. هن چيو ته ڀارتي بيانيي کي هر محاذ تي ناڪامي کي منهن ڏيڻو پيو، پاڪ فوج ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو ۽ ڀارت کي بدترين شڪست کي منهن ڏيڻو پيو، ڀارت پنهنجي شرمندگي لڪائڻ جي لاءِ ڪوڙ تي ٻڌل پروپئگنڊه ڪري رهيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڀارت بلوچستان ۾ دهشتگردي جي ڪاررواين ۾ سڌوسنئون ملوث آهي. ڀارتي نيوي جو حاضر سروس آفيسر ڪلڀوشن ياديو ان جو واضح مثال آهي. ڀارت جون دهشتگرد سرگرميون پاڪستان سميت ڪئناڊا، آمريڪا ۽ آسٽريليا تائين پکڙجي چڪيون آهن ۽ اهو ڀارت جي پرڏيهي پاليسي جو حصو بڻجي چڪي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڀارتي نيوي جو حاضر سروس ڪمانڊر ڪلڀوشن ياديو فرضي نالي سان پنهنجو پاڻ کي بزنس مين ظاهر ڪري بلوچستان ۾ دهشتگردي جي ڪاررواين ۾ ملوث هو جنهن کي بلوچستان مان گرفتار ڪيو ويو. هن چيو ته فتنه الهندستان بلوچستان ۾ دهشتگردي جي ڪاررواين جي لاءِ فنڊنگ ڪري رهيو آهي پر پاڪ فوج هر قسم جي دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مودي، ڀارتي سياستدان، حڪومتي عهديدار ۽ وزير پنهنجي تقريرن ۾ بلوچستان جو ذڪر ڇو ٿا ڪن؟ هن چيو ته فتنه الهندستان بلوچستان جي اندر دهشتگردي جي ڪاررواين جي نه رڳو فنڊنگ ڪري ٿو پر هٿيار به مهيا ڪري ٿو ۽ ڪيترين ئي ڪاررواين ۾ سندس هينڊلرز ملوث هوندا آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته فتنه الهندستان کي پاڪ فوج بهتر طريقي سان منهن ڏئي رهي آهي، دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري رهي آهي. هن ٻڌايو ته نريندر مودي 1971ع ۾ مڪتي باهني جي حمايت ڪرڻ جو اعتراف ڪيو، اهي سدائين پراڪسيز جي ذريعي پنهنجون جنگيون وڙهندا آهن. هن چيو ته فتنه الهندستان تحت ڀارت پاڪستان جي اندر عدم استحڪام پيدا ڪرڻ جي سازشن ۾ ملوث آهي، سندس اهو خواب ڪڏهن به پورو نه ٿيندو. هن چيو ته آڱرين تي ڳڻڻ جيترا دهشتگرد رياست پاڪستان جو ڪجهه نٿا بگاڙي سگهن، فتنه الهندستان جو خاتمو ضرور ٿيندو ۽ بلوچستان ۾ امن ٿيندو. هن چيو ته جعفر ايڪسپريس واقعي ۾ ڀارتي ميڊيا جو ڪردار ۽ دهشتگردن کي ڪوريج ڏيڻ انهن جي ايجنڊا کي بي نقاب ڪري ٿو. پاڪ فوج ۽ ايس ايس جي جنهن مهارت سان يرغمال ماڻهن کي کان گهٽ کان گهٽ نقصان تي بازياب ڪرايو اهو انهن جي مهارت جو واضح ثبوت آهي. هن چيو ته ڀارتي ٽي وي چينلز تي فتنه الهندستان جي دهشتگردن جا انٽرويوز هلايا پئي ويا جيڪي جعفر ايڪسپريس جا ذميوار هئا. ڀارتي ميڊيا تي ٽرين جي پٽڙي کي تباهه ٿيندي ڏيکاريو ويو، اهي فوٽيج پاڪستان کان پهرين ڀارت ۾ آن ايئر ٿيا. اهي سڀ شيون ثابت ڪن ٿيون ته ڀارت بلوچستان ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ ملوث آهي. هن چيو ته جعفر ايڪسپريس واقعي تي ڀارت ۾ جشن ملهايو ويو، خضدار ۾ معصوم ٻارن کي نشانو بڻايو ويو، ڀارت جي دهشتگردي تي ٻڌل پاليسي نه هلندي، فتنه الهندستان جو بلوچستان مان ضرور خاتمو ٿيندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان پهلگام واقعي تي غيرجانبداراڻي، شفاف عالمي جاچ جي آڇ ڪئي جنهن کان ڀارت پٺتي هٽي ويو. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي قيادت ۾ پاڪستان موثر حڪمت عملي جي ذريعي دشمن کي ڀرپور جواب ڏنو. وفاقي وزير چيو ته بلوچستان پاڪستان جي لائيف لائين آهي، بلوچستان ۾ امن قائم ڪرڻ، ترقي ۽ خوشحالي جي سفر کي هر قيمت تي اڳتي وڌايو ويندو ۽ فتنه الهندستان جو خاتمو ڪري پاڪستان کي پائيدار امن طرف وٺي وينداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ وفد گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل، جنرل اسيمبلي جي صدر، چين، آمريڪا، برطانيا ۽ روس جي نمائندن ۽ ٿنڪ ٽيڪس سان اهم ملاقاتون ڪيون. هن چيو ته دنيا جي هر فورم تي وفدن جي ذريعي ڀرپور طريقي سان ٻڌايو پيو وڃي ته ڀارت جي اسٽيٽ اسپانسرڊ ٽيررازم جا واضح ثبوت موجود آهن. هن چيو ته پاڪستان ڀارت جي گمراهه ڪندڙ پروپئگنڊه کي هر سطح تي ناڪام بڻائيندو ۽ خطي ۾ امن قائم ڪرڻ کي يقيني بڻايو ويندو.