اسلام آباد – 02 جون (اي پي پي) ملڪ ۾ ھلندڙ سال پوليو ڪيسن جو مجموعي انگ 11 ٿي ويو آھي. پوليو کان روڪٿام واري قومي پروگرام طرفان جاري بيان مطابق گلگت بلتستان جي ضلعي ديامير مان ھلندڙ سال جو پھريون پوليو ڪيس رپورٽ ٿيو آهي. اختيارين والدين کي اپيل ڪئي آھي ته ھو ٻارن جي ويڪسينيشن جا موقعا ضايع نه ڪن. پوليو ھڪ لاعلاج بيماري آھي، ويڪيسين ئي ان کان بچاءُ جو واحد ذريعو آھي. پنھنجي ٻارن کي حفاظتي ٽڪن جو ڪورس بروقت مڪمل ڪرائن ۽ پوليو ويڪسينيشن لاءِ 1166 تي ڪال ڪن يا واٽس ايپ نمبر 03467776546 تي رابطو ڪن.