اسلام آباد-31 مئي (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ ڪائونٽر ٽيرر ازم ڪميٽي ۽ هارڊن دي اسٽيٽ ڪميٽي جو ٽيون اجلاس منعقد ڪيو ويو. اجلاس ۾ غيرقانوني طور تي ملڪ ۾ ترسيل پرڏيهين خلاف آپريشن تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ان موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي گهرو وزير چيو ته نادرا ايگزٽ پوائنٽس تي لائيو ڊيٽا ويريفيڪيشن جي سهولت فراهم ڪندو، سمورن ادارن کي گڏجي ون ڊاڪيومينٽ سسٽم کي مڪمل طور تي لاڳو ڪرڻو پوندو. ملڪ مان غيرقانوني اسپيڪٽرم جي خاتمي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي ادارن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. جڏهن ته پينو مافيا ملڪ جي بدنامي جو سبب بڻجي رهي آهي، انهن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو. پنڻ کي ضمانت نه ٿيڻ جوڳو ڏوهه قرار ڏيڻ ضروري آهي. محسن نقوي ٻڌايو ته بجلي چوري جي روڪٿام لاءِ توانائي واري وزارت ۽ صوبائي حڪومتن کي هر ممڪن سهڪار فراهم ڪري رهيا آهيون. ان موقعي تي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته روزاني جي بنياد تي 250 کان وڌيڪ ڳجهي معلومات تي ٻڌل آپريشنز ٿي رهيا آهن. توانائي واري وزارت ٻڌايو ته گهرو وزارت ۽ صوبائي حڪومتن جي سهڪار سان 142 ارب روپين جي رڪوري ممڪن ٿي آهي. اجلاس ۾ حددخلين خلاف آپريشنز ۽ پاڪستان پورٽ اٿارٽي جي قيام تي اڳڀرائي جو به جائزو ورتو ويو. جڏهن ته اجلاس ۾ گوادر سٽي جي سيف سٽي منصوبي ۽ پروٽيڪشن وال تي ٿيندڙ اڳڀرائي تي پڻ غور ڪيو ويو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سنڌو درياهه تي ڊجيٽل انفورسمينٽ اسٽيشنز جي قيام تي ڪم ٿي رهيو آهي، موٽر ويز ۽ قومي شاهراهن تي مانيٽرنگ لاءِ انٽيليجنٽ ٽرانسپورٽيشن سسٽم تي ڪم جاري آهي. اجلاس ۾ غيرقانوني ۽ اسمگل ٿيل پيٽرول جي روڪٿام لاءِ پيٽرول پمپن جي ڊجيٽلائيزيشن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ مملڪتي گهرو وزير طلال چوڌري، پنجاب جي قانون واري وزير، ڪي پي ڪي جي سڌ سماءَ واري صلاحڪار ۽ گلگت بلتستان جي گهرو وزير شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي گهرو سيڪريٽري سمورن صوبن، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان جي آءِ جيز پوليس، گهرو سيڪريٽريز، ڊي جي ايف آءِ اي، نيشنل ڪو آرڊينيٽر نيڪٽا، چيف ڪمشنر اسلام آباد، ڪوآرڊينيٽر نيشنل ايڪشن پلان ۽ سيڪيورٽي ادارن جي اعليٰ اختيارين پڻ شرڪت ڪئي.