اسلام آباد – 30 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سوراب بلوچستان ۾ دهشتگردي ڦهلائيندڙ عنصرن پاران بئنڪ، معصوم شهرين ۽ انتظاميا جي آفيسرن تي بزدلاڻي حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ واقعي جي ذميوارن جي نشاندهي ڪري انهن کي سخت سزا ڏيارڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم دهشتگردن کان پنهنجي علائقي جو دفاع ڪندي شهادت ماڻيندڙ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر هدايت الله بليدي کي خراج عقيدت پيش ڪيو. وزيراعظم شهيد جي گهرڀاتين سان همدرديءَ جو اظهار ۽ صبر جي دعا ڪئي. هن چيو ته بزدل دهشتگردن معصوم شهرين بشمول ٻارن ۽ عورتن کي نشانو بڻايو، شرانگيزي ۾ ملوث بزدل دهشتگردن جو معصوم شهرين ۽ انهن جي ملڪيتن تي حملو انهن جي عوام دشمن ۽ بلوچستان جي ترقي جي خلاف سوچ جي کليل واضح عڪاسي آهي. وزيراعظم چيو ته دهشتگردن کي پاڪ زمين تان ختم ڪرڻ تائين انهن جي خلاف جنگ جاري رکنداسين. شهيد ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر هدايت الله بليدي دهشتگردن سان وڙهندي بهادري جو اعليٰ مثال قائم ڪيو. هن چيو ته پوري قوم جون همدرديون هدايت الله بليدي شهيد جي گهرڀاتين سان گڏ آهن. پاڪ فوج ڀارتي سرپرستي ۾ پاڪستان ۾ دهشتگردي ڦهلائيندڙ پراڪسيز جي خاتمي لاءِ ڏينهن رات مصروف عمل آهي، ڀارتي سرپرستي ۾ پاڪ زمين تي دهشتگردي ڦهلائيندڙ عنصرن جي ملڪ مان مڪمل خاتمي جي لاءِ پوري قوم پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعطم واقعي جي ذميوارن جي نشاندهي ڪري انهن کي سخت سزا ڏيارڻ جي هدايت ڪئي آهي.