ڪراچي-30 مئي (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان ميري ٽائيم افيئرز جي وفاقي وزير جنيد انور چوڌري گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران بندرگاهي انفرااسٽرڪچر ،شپنگ“ ۽ فشريز جي ترقي تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گورنر هائوس مان جاري پريس رليز موجب گورنر ميري ٽائيم شعبي ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي اهيمت تي زور ڀريندي چيو ته ان سان ترقي جا نوان دڳ کلندا، هن ميري ٽائيم رٿائن ۾ وفاقي ۽ خانگي سهڪار کي سٺو سنوڻ قرار ڏنو.گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو ته ڪراچي جون بندرگاهون ملڪي معيشت جي انجڻ جي حيثيت رکن ٿيو، ۽ انهن کي جديد رخن تي اختيار ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي. ملاقات ۾ گوادر، ڪراچي ۽ پورٽ قاسم ۾ پي پي پي ماڊل تحت مختلف رٿائن تي اڳڀرائي به غور هيٺ آئي.