دوشنبي – 30 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گليشيئرز جي تحفظ کي پاڪستان جي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ پاڻي جو دارومدار گليشيئرز تي آهي، ماحولياتي تبديلين جي اثرن جي نتيجي ۾ پاڪستان جا گليشيئرز تيزي سان پگهري رهيا آهن، ترقي يافته ملڪ ماحولياتي تبديلين جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پنهنجون ذميواريون پوريون ڪن، پاڪستان پنهنجي حصي جي پاڻي تي ڪو ٺاهه نه ڪندو نه ئي ڀارت کي ريڊ لائين ڪراس ڪرڻ ڏيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن تاجڪستان جي گادي واري شهر دوشنبي ۾ گليشيئرز جي تحفظ بابت عالمي ڪانفرنس (آءِ جي سي پي 2025ع) کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم گليشيئرز جي تحفظ ۽ چئلينجز تي جامع ڳالهه ٻولهه تي تاجڪ صدر کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته پاڪستان پولورينجز کانپوءِ دنيا جو سڀ کان وڏو گليشيئرز وارو علائقو آهي، پاڪستان ۾ 13 هزار گليشيئرز آهن، گليشيئرز جو تحفظ اسان جي لاءِ تمام اهم آهي. هن چيو ته پاڪستان جي پاڻي جو اڌ حصو گليشيئرز سان حاصل ٿئي ٿو، انڊس ريور سسٽم اسان جي لائيف لائين آهي ۽ اسان جي تهذيب، ثقافت ۽ معيشت جو ان تي دارومدار آهي، پاڪستان جي 5 وڏن دريائن جو پاڻي گليشيئرز جي ڪري آهي، ماحولياتي تبديلين جي اثرن جي نتيجي ۾ پاڪستان جا گليشيئرز تيزي سان پگهڙجي رهيا آهن، 2022ع ۾ ماحولياتي تبديلين جي ڪري ٻوڏ ۽ طوفاني برساتن کي منهن ڏيڻو پيو، سڄي ملڪ ۾ لکين ايڪڙ تي بيٺل فصل تباهه، هزارين گهر تباهه ٿي ويا ۽ انفراسٽرڪچر کي شديد نقصان پهتو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي فضا ۾ زهريلي گئسن جي اخراج ۾ حصو اڌ سيڪڙو کان به گهٽ آهي پر پاڪستان دنيا جي انهن 10 ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي ماحولياتي تبديلين کان سڀ کان وڌيڪ متاثر آهن. وزيراعظم چيو ته ماحولياتي تبديلين جي ڪري ايڪو سسٽم به متاثر ٿي رهيو آهي، ترقي يافته ملڪ ماحولياتي تبديلين جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پنهنجون ذميواريون پوريون ڪن، ان سلسلي ۾ فوري ۽ عملي قدم لازمي آهن، تري يافته ملڪ اسرندڙ ملڪن ۾ ارلي وارننگ سسٽم ۽ ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ ۾سيڙپڪاري وڌائين ڇو ته مستقبل ۾ به ماحولياتي تبديلين جي ڪري وڏي تباهي جو خطرو موجود آهي. وزيراعظم چيو ته عالمي برادري ان ڏس ۾ پنهنجي ذميوارين کي سمجهي ۽ پنهنجي وعدن تي فوري عملدرآمد ڪري. وزيراعظم چيو ته پاڻي کي هٿيار جي طور تي به استعمال ڪيو پيو وڃي. ڀارت جو سنڌ طاس معاهدي کي پنهنجي تنگ نظر سياسي مفادن جي لاءِ هڪطرفي طور تي معطل ڪرڻ جو فيصلو مذمت جوڳو آهي. هن اعلان ڪيو ته پاڪستان پنهنجي حصي جي پاڻي تي ڪو ٺاهه نه ڪندو ۽ ڀارت کي ريڊ لائين ڪراس ڪرڻ نه ڏيندو. وزيراعظم چيو ته گليشيئرز جو تحفظ هر صورت ۾ يقيني بڻائڻو پوندو.