واشنگٽن – 29 مئي (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هو جنگ بندي لاءِ روس ۽ يوڪرين جي اڳواڻن سان ملاقات لاءِ تيار آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته هو جنگ بندي لاءِ روس جي صدر ولاديمير پيوٽن ۽ يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي سان ملاقات لاءِ تيار آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ملاقات جي ضرورت پئي ته هو فوري طور تي ان لاءِ تيار آهي.