ماسڪو – 29 مئي (اي پي پي) روس جي شھر اسٽيور پول ۾ نامعلوم اوزار ۾ ڌماڪي ۾ ٻه ماڻھو فوت ٿي ويا آھن. پرڏيھي ميڊيا مطابق شھر جي ميئر ايوان اوليا نچينڪو ٻڌايو ته شروعاتي انگن اکرن مطابق شھر اسٽيور پول ۾ چيخوف اسٽريٽ ۾ ھڪ اپارٽمينٽ ھائوس ويجھو نامعلوم ڊيوائس جي ڌماڪي سبب ٻه ماڻھو فوت ٿي ويا. ھن ٻڌايو ته گھر کي ڪو نقصان ناھي پھتو جڏھن ته ڪيتريون ئي ڪارون تباھه ٿي ويون آھن.