لاهور- 28 مئي (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان چيو آهي ته 28 مئي پاڪستان جي قومي دفاع ۽ خودمختياري جي علامت آهي. هو ڪالهه لاهور ڪاليج فار وومين يونيورسٽي ۾ يومِ تڪبير جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. هن نوجوانن جي شاندار صلاحيتن جو ذڪر ڪندي لاهور ڪاليج فار وومين يونيورسٽي جي شاگردياڻي اُمِ حبيبه ۽ پاڪستان اولمپيئن خواجه جنيد جي ڪارڪردگيءَ کي ساراهيو. رانا مشهود چيو ته پاڪستاني ميڊيا ويجهڙ ۾ پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ دوران ذميداراڻي ۽ حقيقت تي ٻَڌل رپورٽنگ ڪئي، جڏهن ته ڀارتي ميڊيا ڪوڙي پروپيگنڊا ڪئي. هن سوشل ميڊيا تي پاڪستان جي مؤقف جي حمايت ڪندڙن کي ساراهيو ۽ چيو ته جيڪي ماڻهو خاموش رهيا، انهن جو هن ملڪ ۾ ڪو مقام ناهي. هن علامه اقبال ۽ قائداعظم جي نظرياتي بنيادن ۽ تحريڪ آزادي جي قربانين جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان ڪنهن تحفي جي طور تي نه پر لکين جانين جي قربانين عيوض حاصل ٿيو. سندس چوڻ هو ته پاڪستان جو ايٽمي پروگرام ڀارتي اڳرائي جي مقابلي ۾ اڻٽر هو. نواز شريف آمريڪي دٻاءُ ۽ اربين ڊالرن جي آڇ کي ٺڪرائي پاڪستان جي دفاع کي مضبوط بنايو. هن ڊاڪٽر عبدالقدير خان ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ايٽمي پروگرام ۾ ڪردار ادا ڪرڻ تي خراجِ عقيدت پيش ڪيو. هن چيو ته پاڪستان نه صرف جي ايف 17 ۽ جي 10 جهڙا منصوبا مڪمل ڪيا پر دنيا کي واضح پيغام ڏنو ته پاڪستان پنهنجي دفاع تي ڪو سمجهوتو نه ڪندو.