مڪه مڪرمه- 28 مئي (اي پي پي) الحرمين الشريفين ۾ ديني معاملن جي اداري جي سربراهه شيخ عبدالرحمان السديس چيو آهي ته حج سيزن ۾ ضيوف الرحمان جي تحفظ خاطر جمعي جي خطبي ۽ نماز جو وقت مختصر ڪيو وڃي. پرڏيهي ميڊيا موجب سعودي عرب ۾ سخت گرمي سبب الحرمين الشريفين ۾ حاجين جي سهولت کي نظر ۾ رکندي سربراهه خاص هدايت ڪئي آهي ته جيئن حاجين کي گرمين جي سختيءَ کان محفوظ رکي سگهجي. شيخ السديس چيو ته ادارو حرمين طرفان مسجد الحرام ۽ مسجد نبوي ۾ جمعي جي خطبي ۽ نماز جو وقت گهٽ ڪري 15 منٽن ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سمورن نمازن جي وقتن ۾ به گهٽتائي ڪندي ٻانگ ۽ اقامت جي وچ جو وقت 5 کان 10 منٽ ڪيو ويو. واضح رهي ته سڄي دنيا مان لکين حج پانڌيئڙا هن وقت مڪه مڪرمه ۽ مدينه منوره ۾ موجود آهن. گرمين سبب اڪثر بزرگ ۽ بيمار حاجين کي ڏُکيائين کي مُنهن ڏيڻو پوي ٿو.