اسلام آباد-26 مئي (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ يوم تڪبير ملي جوش ۽ جذبي سان اربع 28 مئي تي ملھايو ويندو. ان سلسلي ۾ مختلف سياسي، سماجي ۽ فلاحي تنظيمن سان گڏو گڏ واپاري تنظيمن طرفان به تقريبن جو انتظام ڪيو ويندو ۽ ڪيڪ ڪٽيا ويندا، جڏھن ته مختلف ھنڌن تي ريليون ڪڍڻ سان گڏو گڏ سيمينار منعقد ڪيا ويندا. سمورن پاڪستانين طرفان 28 مئي تي يوم تڪبير ملي جوش ۽ جذبي سان ملھائڻ جون تياريون جاري آھن.