اسلام آباد – 22 مئي (اي پي پي) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي وچ اوڀر ۽ وچ ايشيا جي شعبي جي ڊائريڪٽر جهاد ظهور جي قيادت ۾ هڪ وفد نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم جو خاص معاون طارق باجوه، ناڻي وارو سيڪريٽري، ايف بي آر ۽ پرڏيهي وزارت جا عملدار پڻ شريڪ هئا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير توسيعي فنڊ سهولت (اي ايف ايف) تحت پهرين جائزي جي ڪامياب تڪميل تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ پاڪستان سان مسلسل تعاون تي آءِ ايم ايف جا ٿورا ادا ڪيا جنهن ۾ ريزيلينس اينڊ سسٽين ايبلٽي فيسلٽي (آر ايس ايف) پڻ شامل آهي. هن پائيدار ميڪرو اڪنامڪ استحڪام حاصل ڪرڻ، اهم ساختي سڌارا لاڳو ڪرڻ ۽ ڊگهي مدي واري جامع اقتصادي ترقي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي مضبوط عزم جو ورجاءُ ڪيو. آءِ ايم ايف جي وفد پاڪستان جي جاري سڌاراجاتي ڪوششن کي ساراهيو ۽ پاڪستان جي اقتصادي ترقي جي ايجنڊا جي لاءِ فنڊ جي مسلسل تعاون جي خاطري ڪرائي.