اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان چيو ته گذريل ڪجهه هفتن کان پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿيو آهي، اها ڇڪتاڻ 7 مئي تي پاڪستان جي خلاف ڀارت جي جارحيت کانپوءِ فعال دشمني ۾ وڌي وئي، پاڪستان پرامن گڏيل بقاءَ تي پختو يقين رکي ٿو، پاڪستان ڄمون ۽ ڪشمير جي بنيادي تڪرار سميت سمورن حل طلب مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ بامعنيٰ ۽ نتيجاخيز ڳالهه ٻولهه جي مسلسل وڪالت ڪئي آهي، ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن جي لاءِ انهن تڪرارن جو منصفاڻو ۽ پرامن حل لازمي آهي. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته اها ڳالهه انتهائي افسوسناڪ آهي ته ڀارت جي قدمن هڪطرفي جارحيت جو هڪ خطرناڪ مثال قائم ڪيو جنهن پوري خطي کي تباهي جي ويجهو پهچائي ڇڏيو، جارحيت جي مقابلي جي لاءِ اسان جي هٿياربند فوج پوري طرح تيار آهي جنهن فيصلائتو جواب ڏيندي ڀارت جي فضائيه جي 6 ويڙهاڪ جهازن کي ڪيرايو. ترجمان چيو ته پاڪ فضائيه پنهنجي مينڊيٽ موجب سختي سان ڪم ڪيو جنهن جو مقصد انهن ڀارتي جهازن کي نشانو بڻائڻ هو جن يا ته پاڪستان جي فضائي حدن جي خلاف ورزي ڪئي يا پنهنجي پي لوڊ کي پاڪستاني حدن ۾ ڇڏيو. هن چيو ته ڀارت جي جارحيت جي ڏس ۾ پاڪستان پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي تحفظ جي لاءِ گڏيل قومن جي چارٽر جي آرٽيڪل 51 تحت پنهنجي دفاع جو حق استعمال ڪرڻ تي مجبور ٿيو. ترجمان چيو ته انهي مناسبت سان اسان 10 مئي تي صبح سوير آپريشن بُنيانِ مرصوص شروع ڪيو. هن چيو ته اسان جي سخت ردعمل ۾ ڀارت جي فوجي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو ويو، ڀارتي ويڙهاڪ جهازن، ڊرونز ۽ فوجي هدفن کي بي اثر ڪرڻ ۾ پاڪستان جي فيصلائتي ڪاميابي هاڻي هڪ ناقابل ترديد ۽ وسيع پئماني تي تسليم ٿيل حقيقت آهي جنهن کي غلط معلومات يا پروپئگنڊه سان لڪائي نه ٿو سگهجي. هن چيو ته اسان جي ڪارروائي جو مقصد پاڪستان جي عزم، صلاحيت ۽ پنهنجي سرزمين ۽ ماڻهن جي دفاع جي حق جو مظاهرو ڪرڻ هو. ترجمان چيو ته پاڪستان جي موثر جوابي ڪاررواين ان جي ڊيٽرنس جي ساک کي سگهه بخشي آهي ۽ ڀارت جي روايتي برتري يا خطي تي مسلط ٿيڻ جي ان جي ارادن بابت هر قسم جي ڀرم کي ختم ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته ڀارت ٻطرفي لاڳاپن ۾ ”نيو نارمل“ قائم ڪرڻ جي تصور جو پرچار ڪري ٿو، اسان جي جواب ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته واحد قابل قبول اصول خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جو احترام آهي. ترجمان چيو ته پاڪستان ڀارت جنگبندي جو تازو اعلان هڪ مثبت اڳڀرائي آهي، اسان ڀارت تي زور ڏيون ٿا ته هو ان تي ايمانداري سان عملدرآمد ڪري. هن چيو ته اسان هڪ ڀيرو ٻيهر جنگبندي ۾ سهولتڪاري جي لاءِ دوست ملڪن پاران ادا ڪيل تعميري ڪردار کي ساراهيون ٿا، اسان آمريڪي صدر ٽرمپ جي ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ پاڪستان ۽ ڀارت سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي اعلان جي لاءِ پڻ پنهنجي حمايت جو ورجاءُ ڪريون ٿا. ترجمان واضح ڪيو ته جنگبندي ڪيترن ئي دوست ملڪن جي سهولت جي ذريعي حاصل ڪئي وئي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت جي ڊائريڪٽر جنرل ملٽري آپريشنز 10 مئي کان لاڳيتو رابطو برقرار رکيو آهي، ٻنهي ڌرين مرحليوار تڪرار گهٽ ڪرڻ جي لاءِ هڪ منظم طريقيڪار تي اتفاق ڪيو آهي، خيرسگالي جذبي جي طور تي تي پاڪستان 14 مئي تي هڪ ڀارتي بارڊر سيڪيورٽي فورس جي اهلڪار کي ڀارت جي حوالي ڪيو، بدلي ۾ ڀارت پاڪستان رينجرز جي هڪ سپاهي کي آزاد ڪيو. هن چيو ته هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن عالمي برادري علائقائي امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏئي رهي آهي، ڀارت جي بيان بازي حقيقتن کي مٽائڻ، جارحيت کي جواز فراهم ڪرڻ ۽ پاڪستان جي ائٽمي اثاثن تي بنا جواز الزام هڻڻ جي مسلسل رجحان جي عڪاسي ڪري ٿي، ان جي ابتڙ پاڪستان هڪ ذميوار رياست جي طور تي جنگبندي ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ علائقائي استحڪام جي لاءِ ضروري قدم کڻڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته ڀارت جي جنگجو انداز کي ڏسندي اسان پنهنجي عالمي حصيدارن کان مطالبو ڪريون ٿا ته اهي ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته ڀارت پنهنجي واعدن جو احترام ڪري ۽ وڌيڪ جارحيت کان پاسو ڪري، جيڪڏهن ڀارت ٻيهر دشمني شروع ڪئي ته پاڪستان وٽ جواب ڏيڻ کانسواءِ ڪو رستو نه هوندو. ترجمان چيو ته موجوده دور ۾ امن ئي اصل طاقت آهي. هن چيو ته امن جي لاءِ اسان جي عزم کي ڪڏهن به ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، اڳتي ڪنهن به جارحيت جو ڀرپور عزم سان مقابلو ڪيو ويندو. هن چيو ته پاڪستان پرامن گڏيل بقاءَ تي پختو يقين رکي ٿو، اسان تڪرارن جي حل ۽ ٽڪراءُ ختم ڪرڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري کي ترجيح ڏيون ٿا، اسان ڄمون ۽ ڪشمير جي بنيادي تڪرار سميت سمورن حل طلب مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ بامعنيٰ ۽ نتيجاخيز ڳالهه ٻولهه جي مسلسل وڪالت ڪئي آهي. ترجمان چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن جي لاءِ انهن تڪرارن جو منصفاڻو ۽ پرامن حل لازمي آهي.