ڪراچي-10 مئي (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ تازو ئي جنگ بندي جي معاهدي جي آجيان ڪندي ان کي امن جي فتح ۽ خطي جي پائيداري جي خواهشمند سڀني ماڻهن جي فتح سان منسوب ڪيو آهي. چيف منسٽر هائوس مان جاري ڪيل پريس رليز موجب وڏي وزير چيو ته پاڪستان ۾ ان اعلان کي وڏي پئماني تي پذيرائي ملندي. هن چيو ته جنگ بندي ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي طرف هڪ اهم قدم آهي ۽ ٻنهي ملڪن کي ڳالهه ٻولهه ذريعي معاملا حل ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪندي. هن ڀارت تي زور ڀريو ته هو ڪشمير مسئلي سميت سڀني حل طلب تڪرارن کي مستقل ڳالهين ذريعي پرامن طريقي سان حل ڪري. وڏي وزير قومي سلامتي کي برقرار رکڻ ۾ هٿياربند فوج جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي. هن خاص طور تي پاڪستان جي هوائي فوج، صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت کي واڌايون پيش ڪيون جن جي ڪوششن ۽ قدمن سان جلد ئي جنگ بندي ممڪن ٿي سگهي.وڏي وزير دوست ملڪن خاص ڪري آمريڪا جا به ٿورا مڃيا جنهن معاهدي جي حصول کي آسان بنائڻ تي سفارتي طور تي اهم ڪردار ادا ڪيو. وڏي وزير امن جي وڪالت ڪرڻ ۽ عالمي سطح تي پاڪستان جي موقف جي نمائندگي تي پي پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ڪوششن جو به اعتراف ڪيو.