لاهور-08 مئي (اي پي پي) پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز ڪالهه صبح لاهور ايئرپورٽ ويجهو ڀارتي ڊرون ڪيرائي ورتو، ڊرون جي ڊيگهه اٽڪ 5 کان 6 فوٽ ٻڌائي وڃي ٿي ۽ ان کي سرحد جي ٻي پار کان آپريٽ ڪيو پئي ويو. پوليس ذريعن موجب ڊرون کي پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز وقت سر سڃاڻپ ڪندي سسٽم جام ڪندي زمين تي ڪيرايو، ڊرون انتهائي حساس هنڌن جي جاسوسي لاءِ پاڪستان موڪليو ويو هو ۽ ان ۾ ڌماڪيدار مود پڻ موجود هو جيڪو دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻو هو. پوليس ذريعن ٻڌايو ته ڊرون جيئن ئي هڪ عام عمارت ويجهو پهتو ته ان کي ڪيرائڻ جي ڪوشش دوران شديد ڌماڪو ٿيو، جڏهن ته ڌماڪي جي نتيجي ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو. پوليس عملدارن جو چوڻ آهي ته واقعي کان فوري پوءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن علائقي کي گهيري ۾ آڻي وڌيڪ جاچ جي شروعات ڪري ڇڏي. ڊرون جي سڃاڻپ ۽ ان ۾ موجود مواد جو تجزيو ڪيو پيو وڃي ته جيئن ڀارت طرفان امڪاني خطرن ۽ مقصدن کي سمجهي سگهجي. قانون لاڳو ڪندڙ ادارا موقعي تي پهچي جاچ ۾ ڪري رهيا آهن، جن ۾ هي پاسو به شامل آهي ته ڇا ڊرونز فوجي مقصدن لاءِ استعمال ٿي رهيو هو يا جاسوسي لاءِ موڪليو ويو هو، ٻي طرف پوليس ذريعن موجب لاهور جي علائقي والٽن، برڪي روڊ ۽ ڊفينس ۾ شديد فائرنگ ۽ ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا. ان موقعي تي سيڪيورٽي فورسز طرفان سائرن وڄايا ويا، جنهن جو آواز ٻڌندي ئي ماڻهو گهرن کان ٻاهر نڪري آيا، ريسڪيو جون فائر فائٽنگ گاڏيون واقعي واري هنڌ پهچڻ تي شهرين سک جو ساهه کنيو ۽ پاڪستان زنده باد، پاڪ فوج زنده باد جا نعرا لڳايا.