راولپنڊي – 07 مئي (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) تصديق ڪئي آھي ته پاڪستان سپرليگ شيڊول مطابق جاري رھندو. پي سي بي مطابق راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ايليمنيٽر سميت پنجن ميچن جي ميزباني ڪندو. راولپنڊي اسٽيڊيم ۾ ٻي ميچ (اڄ) خميس ڏينھن کيڏي ويندي جنھن ۾ ڪراچي ڪنگز ۽ پشاور زلمي جون ٽيمون آمھون سامھون ٿينديون. جمعي ڏينھن 9 مئي تي لاھور قلندرز ۽ پشاور زلمي وچ ۾ مقابلا ٿيندا. 10 مئي تي ھڪ اھم ميچ ۾ دفاعي چيمپئين اسلام آباد يونايئٽڊ جو مقابلو ڪراچي ڪنگز سان ٿيندو. ليگ مرحلي جي آخري ميچ 11 مئي تي ملتان سلطانز ۽ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز وچ ۾ ملتان ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي. پي ايس ايل 10 جي ايليمنيٽر ميچ 13 مئي تي راولپنڊي ۾ منعقد ٿيندي. ان کان علاوه پلي آف ميچون ۽ فائنل لاھور جي تاريخي قذافي اسٽيڊيم ۾ ٿينديون جتي چيمپئين ٽيم جو فيصلو ٿيندو. پلي آف ميچون 14 کان 16 مئي تي جڏھن ته فائنل 18 مئي تي کيڏيو ويندو.