اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 22 اپريل تي ترڪيه جي شهر انقره جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب دوري دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف صدر رجب طيب اردوان سان ٻطرفي لاڳاپن سان گڏوگڏ خطي ۽ ان کان ٻاهر تازي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پراڻي اتحادين ۽ اسٽريٽجڪ حصيدارن جي طور تي پاڪستان ۽ ترڪيه باقاعده اعليٰ سطحي مٽاسٽا جي روايت کي برقرار رکن ٿا جيڪي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائيچاري جي غيرمعمولي رشتن جي عڪاسي ڪن ٿا. ٻنهي ملڪن گڏيل دلچسپي جي مختلف معاملن تي تعاون ۽ هم آهنگي جي لاءِ اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن ڪائونسل جي شڪل ۾ قيادت جي سطح جو طريقيڪار پڻ جوڙيو آهي. اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن ڪائونسل جو ستون اجلاس هن سال 12 ۽ 13 فيبروري تي اسلام آباد ۾ ٿيو. صدر رجب طيب اردوان ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف ستين اجلاس جي گڏيل صدارت ڪئي. بيان موجب ايندڙ ملاقات ان مضبوط مڪالمي جي تسلسل جي نمائندگي ڪري ٿي ۽ پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ گهڻ رخي حصيداري کي وڌيڪ بلند ڪرڻ جي گڏيل عزم کي اجاگر ڪري ٿي.