اسلام آباد-11 اپريل (اي پي پي)آءِ سي سي ويمنز ورلڊ ڪپ ڪواليفائر 2025ع جو ايونٽ پاڪستان ۾ شروع ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ ڪرڪيٽ جي شوقينن کي انتهائي دلچسپ مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن، ٽورنامينٽ ۾ سڀاڻي آچر 13 اپريل تي وڌيڪ ٻن ميچن جو فيصلو ٿيندو. آءِ سي سي ويمنز ورلڊ ڪپ ڪواليفائر 2025ع ايونٽ جي ڇهين ميچ اسڪاٽ لينڊ ۽ ٿائيلينڊ جي ويمنز ٽيمن وچ ۾ لاهور سٽي ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن گرائونڊ، لاهور ۾ کيڏي ويندي. اها ميچ پاڪستان جي معياري وقت موجب صبح جو 9 لڳي 30 منٽن تي شروع ٿيندي، انهي ڏينهن جي ٻي ۽ آخري ۽ ايونٽ جي ستين ميچ بنگلاديش ۽ آئر لينڊ جي ويمنز ٽيمن وچ ۾ قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ کيڏي ويندي ۽ اها ميچ پاڪستان جي معياري وقت موجب منجهند 2 وڳي شروع ٿيندي. انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي شيڊول تحت ويمنز ورلڊ ڪپ ڪواليفائر 2025ع ٽورنامينٽ 9 کان 19 اپريل تائين پاڪستان ۾ کيڏيو ويندو جنهن ۾ 6 ٽيمون ايڪشن ۾ نظر اينديون. ايونٽ ۾ شريڪ ٽيمن ۾ ميزبان پاڪستان، ويسٽ انڊيز، آئرلينڊ، اسڪاٽ لينڊ، ٿائي لينڊ ۽ بنگلاديش شامل آهن.